English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: سينئر صحافي ۽ نجي ٽي وي چينل جي اينڪرپرسن امتياز مير جي قائدآباد ۾ جنازي نماز ادا، مقامي قبرستان ۾ تدفين
42 views
|
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (ڊ ر) نجي ٽي وي چئنل جي اينڪر پرسن ۽ سينيئر صحافي امتياز مير جي جنازي نماز ملير جي علائقي قائدآباد ۾ ادا ڪرڻ بعد مقامي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ صوبائي صلاحڪار، ايم پي ايز، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ، ڊپٽي ميئر ڪراچي، صحافين ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، امتياز مير جي شهادت هڪ سانحو آهي سندس قاتل جلد کان جلد گرفتار ڪيا ويندا: صوبائي صلاحڪار، خبر موجب: نجي ٽي وي چئنل جي اينڪر پرسن ۽ سينيئر صحافي امتياز مير جي جنازي نماز ملير جي علائقي قائدآباد ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ صوبائي صلاحڪار محمد سليم بلوچ، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي، ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد، اڳوڻي صوبائي وزير امتياز شيخ، لعل چند اڪراڻي، ايم پي اي نجم مرزا، ايم ڪيو ايم اڳواڻ اشفاق منگي، چيئرمين ملير ٽائون جان محمد بلوچ، راول شرجيل ميمڻ، سي اي او ميٽرو ون ۽ چيئرمين ڪيپ خالد آرائين سميت سينيئر صحافين ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي صوبائي صلاحڪار محمد سليم بلوچ چيو ته امتياز مير هڪ بهادر انسان هو سرڪار امتياز مير جي خاندان جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي سندس قاتل تمام جلد گرفتار ڪيا ويندا، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي چيو ته امتياز مير جي عيادت وقت مان جڏهن اسپتال ويو هئس ته مسڪرائي رهيو هو امتياز مير تي حملي ۾ ملوث ملزمن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي هن ڏک جي گهڙي ۾ اسان امتياز مير جي وارثن سان گڏ آهيون اسيمبلي ۾ قاتلن جي گرفتاري لاءِ آواز اٿارينداسين، ايم پي اي امتياز شيخ چيو ته امتياز مير جي شهادت هڪ سانحو آهي ان موقعي تي اسان خاندان سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون سنڌ حڪومت قاتلن جي گرفتاري لاءِ قدم کڻي رهي آهي جلد قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد چيو ته امتياز مير تي قاتلاڻو حملو ڪندڙ ملزمن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو امتياز مير بهترين شخصيت جو مالڪ هو، چيئرمين ڪيبل آپريٽر ايسوسيئيشن خالد آرائين چيو ته آءِ جي سنڌ کان مطالبو آهي ته امتياز مير جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي هو هڪ محنتي ۽ ديانتدار شخصيت هو ڏک جي گهڙي ۾ اسان سندس خاندان سان گڏ آهيون، جنازي نماز بعد امتياز مير جو مڙهه خلده آباد قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
imtiaz meer
0 تبصرے