English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: لمس ڪيمپس جي شاگردن جي احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو
228 views
|
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڪيمپس 2024ع ۾ قائم ٿيو، پر هن وقت تائين شاگردن کي ڪلاس رومز سميت ڪا به سهولت ناهي: شاگرد
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) لمس ڪيمپس ٺٽو جي شاگردن پنهنجي جائز مطالبن جي حق ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي. اڄ سوين شاگرد روڊ تي نڪري آيا سمينٽ فيڪٽري ريلوي ڦاٽڪ کان هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي يونيورسٽي جي مک گيٽ اڳيان پهچي ڌرڻو هنيو، جتي انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج ۾ شاگرد اڳواڻ هادي پلي، ذوالقرنين کوسو، فرهاد چانڊيو، آفتاب گندرو ۽ ٻين احتجاج جي اڳواڻي ڪئي.شاگرد اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته لمس ڪيمپس ٺٽو 2024ع ۾ قائم ٿيو، پر هن وقت تائين شاگردن کي ڪلاس رومز، هاسٽل، ليبارٽريون ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي سميت ڪا به بنيادي سهولت فراهم نه ڪئي وئي آهي. انهن ٻڌايو ته اداري جي پراسپيڪٽس ۾ واضع طور لکيل آهي ته شاگردن کي سموريون تعليمي ۽ رهائشي سهولتون ڏنيون وينديون، پر انتظاميه پنهنجي هٺ ڌرمي سبب اهو سڀ ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.شاگرد اڳواڻن وڌيڪ ٻڌايو ته جڏهن هنن مختلف شعبن جي شاگردن گڏجي انتظاميه کان پراسپيڪٽس موجب سهولتن جي گهر ڪئي ته الٽو انتظاميه طرفان ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ ڪيترن ئي شاگردن جون داخلاون بنا ڪنهن جواز جي رد ڪيون ويون. هنن چيو ته شاگردن ۽ والدين کي ڊسيپلين ڪاميٽي اڳيان پيش ٿيڻ لاءِ چيو ويو، پر جڏهن نوٽيس جو جواز پڇيو ويو ته انتظاميه وٽ ڪوبه دليل موجود نه هو، صرف اهو ٻڌايو ويو ته داخلا رد ٿي چڪي آهي.احتجاج ڪندڙ شاگردن الزام هنيو ته اداري اندر هڪ انتظامي عهدي تي پاڻ کي آرمي برگيڊيئر سڏائيندڙ شخص مقرر آهي، جيڪو شاگردن کي حراساڻي ۽ دٻاءُ هيٺ رکي ٿو ۽ حق گهرڻ تي کين خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هنن چيو ته سنڌي شاگردن سان نسل پرستي تي ٻڌل رويو اختيار ڪيو پيو وڃي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.شاگرد اڳواڻن چيو ته دنيا ۾ ميڊيڪل سائنس جديديت سان ترقي ڪري رهي آهي، نيون ٽيڪنالاجيون ۽ تحقيق انسان جي ڀلائي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي، پر سنڌي شاگرد بنيادي سهولتن کان به محروم رکيا ويا آهن. نه ڪا جديد ليبارٽري آهي، نه ڪو ٽيڪنالاجي اوزار موجود آهي، جڏهن ته صاف پاڻي جهڙي سادي سهولت به نه آهي.شاگرد اڳواڻن پنهنجي مطالبن ۾ چيو ته رد ٿيل داخلاون فوري طور بحال ڪيون وڃن، هاسٽل الاٽمينٽ جو عمل شروع ڪيو وڃي، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن انهن جا مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته تحريڪ جو دائرو وڌايو ويندو ۽ سنڌ جي سمورن پريس ڪلبن، تعليمي ادارن ۽ روڊن تي احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا ڪيا ويندا. شاگرد اڳواڻن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ان کان پوءِ به مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته جدوجهد جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو ويندو، جنهن جو هڪ ئي مطالبو هوندو، پرنسپل کي هٽايو، لمس ڪيمپس ٺٽو بچايو.احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻي ۾ شاگردن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بئنر کڻي انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي. انهن هڪ زبان ٿي چيو ته تعليم حق آهي، ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن جدوجهد ڪئي ويندي.!
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
لمس ڪيمپس ٺٽو جي شاگرد
0 تبصرے