English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عوامي پريس ڪلب ملير ۽ ڪي يو جي ورڪرز جو شهيد صحافي امتياز مير جي وارثن سان تعزيت جو اظهار
47 views
|
01st Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ۽ ڪي يو جي ورڪرز جي گڏيل وفد شهيد صحافي ۽ اينڪر پرسن امتياز مير جي تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) عوامي پريس ڪلب ملير ۽ ڪراچي يونين آف جرنلسٽس (ڪي يو جي) ورڪرز جي گڏيل وفد شهيد صحافي ۽ اينڪر پرسن امتياز مير جي تڏي تي پهچي وارثن سان ملاقات ڪري تعزيت ۽ ڏک جو اظهار ڪيو وفد ۾ ڪي يو جي جو اڳواڻ سامي ميمڻ، عوامي پريس ڪلب ملير جا سينيئر صحافي طارق سهتو، اصغر ميمڻ، نادر وسير ۽ ٻيا صحافي شامل هئا. وفد مرحوم جي ڀائرن، ڀائيٽن ۽ ٻين وارثن سان مليو ۽ چيو ته امتياز مير جي شهادت رڳو صحافتي برادري لاءِ نه پر سموري سماج لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي وفد جي ميمبرن چيو ته امتياز مير پنهنجي پوري پيشورانه زندگيءَ ۾ هميشه سچائي ۽ عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ کي ترجيح ڏني ۽ هو پنهنجي جان جي بازي لڳائي به صحافتي اصولن تي قائم رهيو. هنن حڪومت سنڌ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪيو ته صحافين جي جان ۽ عزت جي حفاظت يقيني بڻائي وڃي ۽ امتياز مير جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، جيئن اهڙين واقعن کي روڪي سگهجي.ان موقعي تي مرحوم جي اهل خانہ وفد جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته امتياز مير جي قرباني کي هميشه ياد رکيو ويندو. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته شهيد صحافي جي خاندان جي مالي ۽ اخلاقي سهائتا ڪئي وڃي ۽ قتل جي ڪيس کي فوري طور تي منطقي انجام تائين پهچايو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
رزاق آباد ۾ گندگيءَ جا ڍير، انتظاميه صرف فوٽو شوٽ تائين محدود
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
عوامي پريس ڪلب ملير
ڪراچي يونين آف جرنلسٽس
0 تبصرے