English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ڀينس ڪالوني ويجهو پورھيت جو گھر ڪري پيو ، نينگر فوت، عورت سميت ٽي ڄڻا زخمي
163 views
|
02nd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
پيراڻو ڳوٺ ۾ منجهند ڌاري پورهيت آدم شر جي گهر جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي جي علائقي ملير ڀينس ڪالوني لڳ پيراڻو ڳوٺ ۾ منجهند ڌاري پورهيت آدم شر جي گهر جي ڇت ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ نون ورهين جو معصوم ٻارڙو غلام مصطفى ولد نادر شر سخت زخمي ٿي پيو جنهن اسپتال ويندي دم ڌڻي حوالي ڪيو جڏهن تہ هڪ عورت دادلي سميت ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا پاڙي وارن جو چوڻ هو ته واقعي وقت گهر وارا اندر موجود هئا ته اوچتو ڪمزور ڪمري جي ڇت ڪري پئي جنهن سبب گهر جو وڏو حصو ملبيجو ڍير بڻجي ويو. پاڙي وارن رڙين تي پهچي ملبو هٽائي زخمين کي ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ ريسڪيو ادارن ذريعي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي متاثر گهر وارن جو چوڻ آهي ته هو ڳڙهي ياسين جا رهواسي آهن ۽ سخت غربت سبب ڪراچي اچي ملير جي پيراڻي ڳوٺ واري علائقي ۾ ڪرائي جي گهر ۾ رهندا آهيون نادر شر جي ڀاءُ آدم شر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو گذريل ڪيتري عرصي کان روزگار لاءِ هتي رهائش پذير آهن پر ڪرائي جا گهڻا گهر ڪمزور ۽ خطرناڪ حالت ۾ آهن، جنهن سبب هي واقعو پيش آيو پاڙي وارن ۽ متاثرن انتظاميه کان مطالبو ڪيو آهي ته علائقي ۾ اهڙن ڪمزور ۽ خطرناڪ گهرن جي سروي ڪئي وڃي، متاثر خاندان جي مالي مدد ڪئي وڃي ۽ فوت ٿيل معصوم ٻار لاءِ انصاف فراهم ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڳڙهي ياسين جا رهواسي آهيون
ملير
ڪراچي جي علائقي ملير ڀينس ڪالوني لڳ
0 تبصرے