ملير ۾ وڌندڙ بدامني خلاف وڏي ريلي، ڦر متاثر به شامل، پوليس تي ڏوهارين جي سرپرستي جا الزام

ملير جدوجهد ڪميٽي ۽ جساف بشير قريشي جي سڏ تي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، سياسي سماجي ڌريون به شريڪ

ملير ۾ وڌندڙ بدامني خلاف وڏي ريلي، ڦر متاثر به شامل، پوليس تي ڏوهارين جي سرپرستي جا الزام

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ۾ وڌندڙ بدامني، قتل، چورين، ڦرن ۽ منشيات جي واپار خلاف شهري وڏي انگ ۾ رستن تي نڪري آيا ملير جدوجهد ڪميٽي ۽ جساف بشير قريشي جي سڏ تي ڪيل ريلي ۾ سياسي ۽ سماجي اڳواڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ريلي ۾ شريڪ ماڻهو رزاق آباد ۾ پورهيت لال محمد ڪلمتي جي گهر کي ڌاڙي ۽ گهر ڀاتين تي تشدد واري واقعي خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي ريلي م شريڪ ماڻهن مطالبو ڪيو ته ڦورو ڏوهارين فوري طور گرفتار ڪري ڦريل سامان متاثرن کي واپس ڪيو وڃي ۽ ڏوهارين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي احتجاجي ريلي مک چوڪ کان ٿيندي جڏهن عوامي پريس ڪلب ملير پهتي ته وڏي ڌرڻي م تبديل ٿي ويئي ان موقعي تي خطاب ڪندي سماجي اڳواڻ خدا ڏنو شاه، فيض سنڌي، متاثر غلام رسول ڪلمتي. اقبال ڪلمتي، شيراز سولنگي، وهاب گبول، صمد ڪلمتي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته پوليس عوامي تحفظ بدران منشيات فروشن، غيرقانوني هلندڙ ڳرين گاڏين ۽ ڏوهارين جي سرپرستي ڪري رهي آهي، جنهن سبب علائقي ۾ امن امان جي صورتحال بگڙيل آهي اڳواڻن آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ذميوار پوليس آفيسر مقرر ڪري علائقي ۾ امن امان بحال ڪيو وڃي ۽ منشيات جي واپار ۽ ڏوهن تي ڪنٽرول آندو وڃي. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن پوليس پنهنجو رويو تبديل نه ڪئي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ وڌيڪ سخت قدم کنيا ويندا.