ملير، پشمبي ڳوٺ ۾ خاتونِ جنت فيلوشپ هائر سيڪنڊري اسڪول طرفان شاندار سائنسي نمائش

اسڪول ۾ شاگردن، والدين، استادن ۽ مقامي ماڻهن کي گڏ ڪري هڪ علمي ۽ تخليقي ماحول پيدا ڪيو ويو

ملير، پشمبي ڳوٺ ۾ خاتونِ جنت فيلوشپ هائر سيڪنڊري اسڪول طرفان  شاندار سائنسي نمائش

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) بن قاسم ٽائون جي علائقي پشمبي ڳوٺ ۾ واقع خاتونِ جنت فيلوشپ هائر سيڪنڊري اسڪول ۾ ڪاميابي سان هڪ شاندار ۽ يادگار سائنسي نمائش جو اهتمام ڪيو، ويو جنهن ۾ شاگردن، والدين، استادن ۽ مقامي ڪميونٽي کي گڏ ڪري هڪ علمي ۽ تخليقي ماحول پيدا ڪيو ويو نمائش دوران حياتيات، طبعيات، ڪيميا، ماحولياتي سائنس، رياضي ۽ ارضيات سميت مختلف شعبن جا علمي پروجيڪٽ پيش ڪيا ويا. انٽرايڪٽو ڪوئيز، زنده تجربا ۽ رياضي جا ماڊل نمائش طور پيش ڪيا ويا جن شرڪت ڪندڙن جو ڌيان ڇڪايو ۽ روزمره جي سائنسي تصورن کي نون زاويائن سان سمجهڻ ۾ مدد ڪئي. خاص طور صحتمند ۽ ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا ڦڦڙن جو مقابلو ڪندڙ حياتياتي ماڊل نمائش جو مرڪزِ توجهه بڻيو، جنهن صحت ۽ تندرستي بابت شعور وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو تقريب ۾ خاص مهمان طور SEF ڪراچي جا ريجنل هيڊ اشفاق حسين ميراني، SEF جي ضلعي هيڊ حميـره ناز، ايونٽ جا چيـف آرگنائيزر شريف شيخ، سليم جي ميمڻ، رسول بخش بلوچ، احمد روشن بلوچ سميت سماجي ڪارڪن، پرنسپل، چيئرپرسنز، مختلف اسڪولن جا استاد ۽ مقامي شخصيتون وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيون. سندن موجودگي نه صرف شاگردن جو حوصلو بلند ڪيو پر تقريب جي رونق ۾ به اضافو آندو والدين ۽ مهمانن شاگردن جي محنت، تخليقي سوچ ۽ پرجوش شرڪت جي واکاڻ ڪندي چيو ته اهڙيون سرگرميون نه رڳو تعليمي معيار کي بهتر ڪن ٿيون پر شاگردن ۾ اعتماد، ٽيم ورڪ ۽ پريزنٽيشن جون صلاحيتون به وڌائين ٿيون منتظمين موجب هي سائنسي نمائش صرف هڪ نمائش نه هئي، پر هڪ تعليمي ۽ سماجي جشن هو، جنهن مقامي ڪميونٽي کي علمي ترقي ۽ مثبت سرگرمين ڏانهن راغب ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.