حڪومتِ سنڌ انساني حقن جي فروغ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي: راجوير سنگھ سوڊو

سيمينار کي ايس ايس پي عزير احمد ميمڻ، رجب علي سٺيو، اي ڪي چاچڙ، ڪنيا لال، مروه اعواڻ ۽ ٻين به خطاب ڪيو

حڪومتِ سنڌ انساني حقن جي فروغ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي: راجوير سنگھ سوڊو

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) انساني حقن واري کاتي (هيومن رائٽس ڊپارٽمينٽ)، حڪومتِ سنڌ طرفان ضلع عمرڪوٽ ۾ انساني حقن بابت آگاهي لاءِ هڪُ پروقار سيمينار هڪَ نجي گيسٽ هائوس ۾ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ’’هيومن رائٽس، حق، ذميواريون ۽ انصاف تائين رسائي‘‘ جي موضوع تي هڪَ ڏينهن جو آگاهي پروگرام ٿيو، ان پروگرام ۾ صوبائي صلاحڪار محڪمهُ انساني حقن سنڌ راجوير سنگھ سوڊو خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سرڪاري آفيسرن، سماجي تنظيمَن جي نمائندن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي وزيراعليٰ سنڌ جي اسپيشل اسسٽنٽ براءِ هيومن رائٽس سنڌ راجوير سنگھ سوڊو سڀني آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته حڪومتِ سنڌ انساني حقن جي فروغ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، هن وڌيڪ چيو ته اسان سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ انساني حقن بابت ٺهيل ڪميٽين کي فعال ڪري رهيا آهيون ۽ ان ۾ سول سوسائٽي جو تمام اهم ڪردار آهي ته هو انساني حقن جي ڀڃڪڙي ۽ ٻين مسئلن جي نشاندهي ڪري ٻڌائي، هن چيو ته اسان انٽر فِيتھ هارموني تي يقين رکون ٿا ۽ ضلع عمرڪوٽ جا سڀئي هندو ۽ مسلمان پنهنجا مذهبي پروگرام گڏجي ملهائن ٿا ۽ مذهبي رواداري تي يقين رکن ٿا، هن چيو ته حڪومتِ سنڌ جو منشور آهي ته اسان عام ماڻهن کي سندن حقن بابت آگاهه ڪريون ۽ کين وقت سر انصاف ملي سگهي، ان موقعي تي سيڪريٽري هيومن رائٽس ڊپارٽمينٽ ڪراچي خالد اي ڪي چاچڙ هن سيمينار جي اهميت، اهم نڪتن، مقصدن ۽ نمايان پهلوئن تي روشني وڌي، ان موقعي تي اسپيشل اسسٽنٽ ٽو چيف منسٽر سنڌ جي ڪوآرڊينيٽر ميڊم نازيه ناز ۽ سماجي اڳواڻ زاهد ٿيٻو پروگرام جي ذميوارين کي نڀايو، جڏهن ته ڊائريڪٽر هيومن رائٽس سنڌ آغا فخر حسين، سيڪشن آفيسر جنرل سعيد احمد سومرو مهمانن کي ڀليڪار ڪيو ۽ پروگرام جي مقصدن تي روشني وڌي، ان موقعي تي ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ انساني حقن جي تحفظ لاءِ ٺهيل شڪايتن واري ميڪانيزم بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ چيو ته ايس ايس پي آفيس عمرڪوٽ ۾ ڪمپلينٽس ڊيسڪ قائم ڪيو ويو آهي جتي هر شهري پنهنجي حقن جي ڀڃڪڙي بابت رجوع ڪري سگهن ٿا، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو سيمينار کي خطاب ڪندي ٻارن جي حقن ۽ سماجي شموليت جي قدمن بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته انسان کي قدرت واري طرفان جنم وٺڻ واري ڏينهن کان ئي ڪيترائي حق ڏنا آهن ۽ رياست ۽ سول سوسائٽي جو انساني حقن جي تحفظ ۾ اهم ڪردار آهي، جنهن ۾ سول سوسائٽي دل آهي ته رياست ان جو دماغ آهي، جنهن سان انسان کي پنهنجا حق ڏيڻ ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ ٺهيل قانونن تي عمل ڪرائڻ ۾ مدد ملي ٿي، ان موقعي تي انجنيئر ڪنيا موهن لال، سي اي او ايس ٽي ايل ايف اين جي او عمرڪوٽ شهرين جي ذميوارين ۽ شهرين جي انساني حقن جي تحفظ بابت به خطاب ڪيو، ان موقعي تي ڊائريڪٽر وومين پروٽيڪشن سيل سنڌ محترمهُ مروه اعوان سنڌ ۾ عورتن جي حقن ۽ سندن تحفظ جي قانونن تي ’’آگاهي کان عملدرآمد تائين‘‘ جي موضوع تي جامع ليڪچر ڏنو، ان موقعي تي سماجي تنظيم “اويئر جي سي اي او علي اڪبر راهمون سنڌ ۾ انساني حقن ۽ سول سوسائٽي جي ڪردار تي تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، ان موقعي تي سماجي تنظيم “سي ايس ايس پي اين جي او” جي پروگرام مينيجر مير حسن آريسر ضلع عمرڪوٽ ۾ اقليتي حقن ۽ سماجي شموليت تي ڳالهايو، ان موقعي تي سوشل ويلفيئر کاتي عمرڪوٽ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نور محمد شيخ انساني حقن جي فروغ ۾ مقامي حڪومتن جي ڪردار کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي عمرڪوٽ جو قيام 2018ع ۾ ٿيو ۽ 2018ع کان 2025ع تائين ڪل 89 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، ان موقعي تي “سندهي ادبي سنگت” جي ميڊم خالدہ منير ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر محمد اسلم ڀٽي، پرنسپل ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ پروفيسر عبدالروف سومرو، ڊويزنل ڪوآرڊينيٽر 1122 بنسي لال مالهي، سماجي اڳواڻ عباس کوسو، عبدالله کوسو، ايڊووڪيٽ گل منير ولھاري، سماجي اڳواڻ علي سومرو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، ان موقعي تي پروگرام جي پڄاڻي تي سول سوسائٽي جي اڳواڻن کي صوبائي صلاحڪار راجوير سنگھ پاران ايوارڊ ڏنا ويا ۽ سڀني شرڪت ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪيو ويو۔