يوسي ڪيرال جي ڳوٺ بچل ملاح ۽ ٻچو درس جي ٻوڏ متاثرن ۾ سامان ورهايو ويو
سجاول(رپورٽر)مسلم هينڊ پاڪستان جي تعاون سان ساحلي علائقن ۾ کاڌو ۽ پاڻي تقسيم ڪيو ويو. فلاحي تنظيم مسلم هينڊز پاڪستان جي تعاون سان يونين ڪائونسل ڪيرال جي ڳوٺ بچل ملاح ۽ ٻچو درس جي سيلاب متاثرن ۾ کاڌو ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي تقسیم ڪيو ويو. ان موقعي تي مسلم ہینڈز جي اڳواڻ ذولفقار علي شاھ ڳالھائيندي چيو ته اڄ مريضن کي مفت دوائون ڏنيون ويون آهن جڏهن ته عورتن ۽ ٻارڙن جي علاج لاء خصوصي انتظام به ڪيا ويا آهن. ان کان علاوہ ٽن سوئن کان وڌيڪ مقامي ماڻھن کي کاڌو ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي سھولت به ڏني وئي آهي. ڳوٺاڻن مسلم هينڊز پاڪستان جي ان قدم کي سارائيندي مطالبو ڪيو ته راشن سان گڏ اهڙيون ميڊيڪل ڪيمپون باقاعدگي سان لڳايون وڃن ته جيئن مستحق ۽ غريب ماڻھن کي علاج جي سهولت ويجھو ملي سگھي
0 تبصرے