استاد جي بلندين جو ڪو حساب ئي ناهي، استاد جي شان، شوڪت، مان مرتبي عزت ۽ احترام کي سڌريل قومون وڏي شاندار انداز دل سان تسليم ڪندي ملهائين ٿا، قابل احترام ۽ حقيقي معنيٰ ۾ اسانجي قسمتن جا فيصلا ٺاهيندڙ اهي استاد ئي آهن جيڪي اسان کي ننڍپڻ ۾ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ، ادب احترام، لحاظ زندگي گذارڻ جا آداب طور طريقا سڀ جو سڀ اهي استاد ئي سيکارين ٿا، جن قومن پنهنجي استاد ٽيچرس جو قدر ڪندي انهن جي محنتن ڪوششين ۽ ڪاوشن کي سمجهو اهي قومون پنهنجي منزل مقصد تائين خير و عافيت تائين پهچن ٿيون، جن قومن استاد کي مڙيئي سڙيئي ڪري هلائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انهي عظيم مائنائتي “ استاد ” کي پنهنجي عام رواجي ملازم وانگر محسوس ڪري هلايو اهي قومون هلاڪ ٿي ويون ۽ انهن جي زوال کي ڪير به نٿو روڪي سگهي، اڄ 5 آڪٽوبر تي پوري دنيا ۾ ( TEACHER S DAY ) استادن جو عالمي ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته استاد پوري معاشري سوسائٽيءَ جو بهترين عڪاسي ڪندڙ طبقو آهي، استاد پنهنجي معمارن جي نشو نما جو اهڃاڻ آهي، استاد ئي اسان جي پوري معاشري ۾ اها ولاريندڙ معززز ۽ شاندار شخصيت آهي جنهن جي ذريعي اسان جو پورو اسٽريڪچر ڍانچو صحيح سمت هلڻ لڳي ٿو، انهيءَ عظيم ۽ شاندار پرسنلٽي رکڻ واري شعبي کي مڙيئي سمجهندڙ حقيقت ۾ تعليم جي افاديت ۽ اهميت کان بي خبر آهن، هيءُ شعبو انتهائي حساس ترين علمي سطح جي بلندين جو اصل ڪارڻ آهي، انهي جي محور ۽ مرڪز “ ٽيچر ” جي ڪڏهن ڪهڙي طرح عملي طرح اعتراف به ڪيو آهي يا رڳو سيمينار، ورڪشاپ، ريليءَ تائين محدود ڪجهه گهڙين ۽ فوٽو سيشن لاءِ “ استادن جي عظمت ” تي ڳالهائي پنهنجي فارملٽي رسمي گفتگو ڪري مٿين سطح جا آفيسر شاهيءَ ۾ انگ اکر ڏيکاري خانه پوري ڪئي ويندي آهي، جيڪڏهن استاد جي پنهنجي معاشري ۾ عزت احترام رهندو ته اها قوم انتهائي هوشيار، چالاڪ ۽ بردبار قوم سمجهي ۽ ليکي ويندي ۽ اها واقعي تعليم سان ڀرپور قوم سمجهي ويندي باقي خانه پوري ڪندڙ آفيسرن کي 5 آڪٽوبر جي استادن جي عالمي ڏهاڙي تي مڙيئي پيش ڪندڙ استاد جي عزت ۽ احترام کان ڄڻ ته منهن موڙي رهيا آهن، استادن جي جائز مسئلن، استادن جي سن ڪوٽا، استادن جي سرڪاري طرح رهائش فراهم ڪرڻ، استادن جي انشورنس پاليسي مقرر ڪرڻ، حاضر ۽ رٽائرڊ استادن جو ميڊيڪل فري ڪرڻ ، بلڪ پئنل تي علاج ڪنهن قابل اعتماد اسپتالن مان علاج ڪرائڻ سميت ٻين مسئلن جي حل لاءِ حڪمران سنجيدگيءَ سان پنهنجي استاد محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪري ڏيکارين باقي رڳو 5 آڪٽوبر تي ڪجهه ماڻهو وٺي سيمينار، ورڪشاپ، ريلي ڪڍي رسمي طريقو استادن سان مسخري وارو مذاق بند ٿيڻ گهرجي، اڄ 5 آڪٽوبر استادن جو عالمي ڏينهن پوري دنيا ۾ وڏي جوش خروش سان ملهايو پيو وڃي، استاد جي عظمت کي سلام آهي، جنهن علم جي شمع کي روشن ڪندي سوجهرو عام ڪيو آهي، استاد لفظ فارسي ٻوليءَ جي ٻن لفظن “استا” ۽ “ وڌ ” جو مرڪب آهي جنھن جي معنيٰ آهي دانائي جو ڪتاب، شاگرد لفظ جو اشتقاق ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته شاگرد پڻ فارسي زبان جو لفظ آهي، شاگر ٻن لفظن “ شاھ” ۽ “ گرد ” جي ميلاپ سان ٺھيو آهي شاھ جي معنيٰ آهي بادشاهه ۽ گرد جي معنيٰ آهي بادشاهه جي چوڌاري ويهڻ وارو، يعني استاد بادشاهه آهي ۽ سندس راڄ شاگرد آهن. استاد جنھن کي “ قاضي” ۽ “ آخوند” پيغمبري جھڙي پيشي جهڙا انمول لقب مليل آهن استاد ڪنھن به معاشري کي سڌارڻ ۽ سيکارڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا،استادن جو ادب ۽ احترام ڪرڻ کي اولين ترجيح مليل آهي، جڏهن ته استاد جا پڙھايل سبق زندگيءَ کي صحيح رستي تي ھلڻ پڻ سيکاريندي روشن ۽ منور بنائين ٿا، شاگرد لاءِ پڻ چوڻي آهي ته جن ادب ڪيو تن جا نصيب، با ادب با نصيب، بي ادب بي نصيب، جن شاگردن پنھنجي روحاني پيءُ يعني استاد جي فرمانبرداري ڪئي، اھي ڪاميابين سان ڀريل خوشگوار زندگيءَ کي انمول بنائيندي پنهنجي منزل مقصود تائين بآساني سان پهچي وڃن ٿا، اسلام ۾ استاد جو وڏو مان ۽ مرتبو آهي، قرآن مجيد جي سورت الرحمان ۾ اللہ سائين فرمائي ٿو "رحمان قرآن جي تعليم ڏني، انسان ذات کي خلقيو، کيس پيار ڪرڻ سيکاريو." رب ڪريم پاڻ کي استاد ۽ آدم عليه السلام کي شاگرد ڪوٺيو آهي ، نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جو فرمان آهي ته مان معلم(استاد) ڪري موڪليو ويو آهيان، حضرت علي المرتضيٰ شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم جن جو فرمان آهي ته "جنھن مون کي هڪ اکر سيکاريو اھو منھنجو استاد آهي، وڻينس ته مون کي وڪڻي ڇڏي يا آزاد ڪري."جاپان ۾ جڏھن هيروشيما ۽ ناگا ساڪي تي آمريڪا پاران ايٽم بم ڪيرايو ويو، ان خطرناڪ صورتحال ۾ جاپان جي حاڪم کي صرف اھو فڪر ھو ته استاد ڪٿي آهن استادن کي محفوظ ڪندي انھن کي بچايو وڃي اڄ ان جاپان ملڪ ۾ سموري دنيا جون منزلون طئي ڪندي ايجاد جي دنيا ۾ عوام کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو آهي ان ملڪ ۾ اھو ڪمال ان استادن جو ئي ھو جن پنھنجي ملڪ ۽ قوم سان سچائي، وفاداريءَ سان مخلص ٿي اتي اعلي قسم جا سياستدان تيار ڪري ملڪ کي جديد سائنسي ۽ فني ٽيڪنالاجي ڏئي دشمنن کي مات ڏئي مڃائي ڇڏيو والدين کان پوء ٻار جو حقيقي وارث استاد آهي جنھن ٻار کي استاد نه آهي اھو اڻپڙھيو ۽ اڻ گھڙيو سڏجي ٿو پڙهڻ ۽ ڪڙھڻ جو شوق اھو استاد ئي ڏياري ٿو، ڇاڪاڻ ته ميوي دار وڻ ھميشه نوڙيل ھوندو آھي. ترندڙ ٻيڙي ڪنھن قابل واڍي “ استاد ” تيار ڪري ٺاھيو آھي، جڏھن ته ٻڏندڙ بنڊ کي ڪنھن ھوشيار استاد واڍي جو ھٿ نه لڳو آهي انھيءَ لاءِ اھو اڻ گھڙيو بنڊ ترڻ بجاءِ ٻڏندو، ان مان ثابت ٿيو ته ڪنھن ملڪ جي دانشور پروفيسر موجب ته ترقي يافته ملڪ روم ( اٽلي) ۾ اتي استاد جي گاڏي ٽريفڪ جي ڀڃڪڙي ڪري چالان ٿي ۽ ان استاد پنھنجي مصروفيات سبب چالان في وقت سر نه پياري سگھڻ تي ڪورٽ ۾ پيشيءَ دوران جج کانئس دير جو سبب پڇيو تنھن تي ان استاد وراڻيو ته مان استاد آهيان، پڙھائي ۾ رڌل ھئڻ ڪري مون کي وقت نه ملي سگهيو، اھو ٻڌي ان جج ان استاد سان با ادب طريقي سان پيش ايندي معذرت ڪندي سندس چالان رد ڪري ڇڏيو. پر افسوس اسان جي ملڪ ۾ ان جي ابتڙ “ استاد ” کي گھٽ درجي وارو شهري سمجهو ۽ سڏيو وڃي ٿو، استادن کي جائز حق گھرڻ تي پوليس ھٿان سندن تذليل ڪئي وڃي ٿي، اڄ 5 آڪٽوبر استادن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي مان حڪومت کان مطالبو ٿو ڪيان ته استاد جي عزت ۽ مان کي برقرار رکندي انھن جي عزت ڪئي وڃي انھن جا جائز مسئلا حل ڪرائي سندن مان احساس محرومي ختم ڪئي وڃي، استاد بخاري جي بقول
اي قوم !اک کول،
ھي استاد آهي انھن جي حقن جو ته ڪو حساب ئي نه آ
قومون به خوش،جي ھي شاد آهن، سماج جي اندر استاد جو وڏو عمل دخل آهي ڪنهن به قوم کي جيڪڏهن ترقي ڏانهن وٺي وڃڻو آهي ته پوءِ استاد جي مان مرتبي شان جو عملي طرح قدر ڪرڻو پوندو، استاد معاشري جو هڪ اهو فرد آهي جنهن جي ڪوششين ڪاوشين جو پوري دنيا اعتراف ڪندي استاد کي هر دور ۾ سلام پيش ڪيو وڃي ٿو، استاد هن قوم جو اهو قابل اعتماد فرد آهي جيڪو هڪ ئي وقت پنهنجي سوسائٽي ۾ واپڊا، بجلي گيس ۽ ٻين محرومين جي عتاب سان منهن ڏيندو رهي ٿو ٻئي طرف ۽ هروڀرو جي استادن سان مسخري مذاق کي برداشت ڪرڻ سميت وک وک تي پنهنجي مستقبل جي هونهار شاگردن لاءِ پتوڙ ڪندو رهي ٿو استادن کي پنهنجي معمارن جو ايترو اونهو آهي جيترو پنهنجي اولاد جو رهي ٿو پوءِ به انهي کي تعليم جي مامري ۾ ميار ڏيڻ سراسر ناانصافي چئبي، استاد پوري سماجي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ فرد آهي، جنهن جي عزت اسان مٿان لازم آهي. ترقي يافته ملڪن ۾ استاد جي عظمت کي دل سان مڃي تسليم ڪندي سڀ کان وڌيڪ ريسپيڪٽ عزت ڏني ويندي آهي ايتري قدر جو اهي وقت جي حڪمران، جج، چيف آف آرمي کان به وڌيڪ استاد کي عزت ڏيندا آهن ڇاڪاڻ ته اهي حڪمران صدر وزير اعظم، جج، جنرل وغيرهه ٺاهيندڙ بنائيندڙ اها ئي عظيم هستي استاد آهن، اڄ 5 آڪٽوبر تي پوري دنيا جا ماڻهو ٽيچرس ڊي ملهائين ٿا ۽ استادن کي ٻنهي هٿن سان سليوٽ سلام پيش ڪن ٿا.
0 تبصرے