سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي، تخليقڪارن جون نڪور تخليقون پيش

عوامي پريس ڪلب ملير ۾ منعقد گڏجاڻي ۾ ڪيترن ئي اديبن، شاعرن ۽ تخليقڪارن شرڪت ڪئي

سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي، تخليقڪارن جون نڪور تخليقون پيش

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي سيد غفور شاھ تقوي جي صدارت هيٺ عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ ڪيترن ئي اديبن، شاعرن ۽ تخليقڪارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ اصغر مهرائي، قمبر ٻٽ، مجيب سنڌي، سڪندر سرواڻ، امداد لاشاري، عبدالخالق ڀٽي، عبدالغفار عبد، سامي ميمڻ، فيض حسين، ذوالفقار جوکيو، اقبال ڪلمتي، برڪت شاهه، الله بخش سولنگي ۽ نادر وسير سميت ڪيترائي علمي ادبي شخصيتون شامل هيون اجلاس دوران تخليقڪارن پنهنجون نڪور تخليقون تنقيد ۽ جائزي لاءِ پيش ڪيون. سڪندر سرواڻ جي ڪهاڻي تي صدارتي راءِ ڏيندي سيد غفور شاھ تقوي چيو ته سڪندر سرواڻ جي ڪهاڻي موجوده حالتن جي صحيح عڪاسي ڪري ٿي، جنهن ۾ ڌرتيءَ جي اهنجن ۽ تڪليفن کي نمايان نموني بيان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪهاڻي جي ٻولي به نهايت سٺي ۽ اثرائتي آهي.شاعريءَ تي ڳالهائيندي سيد غفور شاھ تقوي وڌيڪ چيو ته سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير ۾ سٺا تخليقڪار شامل آهن، جيڪي نه رڳو خوبصورت شاعري ڪري رهيا آهن پر ادب جي واڌ ويجهه لاءِ به سرگرم آهن. گڏجاڻي جي ڪارروائي شاخ جي سيڪريٽري اصغر مهرائي هلائي اجلاس جي آخر ۾ نامياري اديب جامي چانڊيو جي والده جي وفات تي ٻه منٽ خاموشي اختيار ڪئي وئي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ويو ته سنڌي ادبي سنگت ملير جا ساٿي جامي چانڊيو جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن.