مھراڻ سٽيزن ڪلب مورو ۾ سگا پاران شاندار تقريب منعقد، عظيم سنڌي نه صرف شاعريءَ ۾ مزاحمتي ۽ قومي فڪر جو علمبردار هو: مقرر

ادب، تعليم، صحافت ۽ سماج سان لاڳاپيل شخصيتن شرڪت ڪئي

مھراڻ سٽيزن ڪلب مورو ۾   سگا پاران شاندار تقريب منعقد، عظيم سنڌي نه صرف شاعريءَ ۾ مزاحمتي ۽ قومي فڪر جو علمبردار هو: مقرر

نوشهروفيروز(ڊر) سنڌي ٻولي ۽ ادب جي نامياري، شاعر، اديب، سماج سڌارڪ ۽ سگا جي رھنما عظيم سنڌيءَ کي سندس ڪيل علمي، ادبي، سماجي ۽ تنظيمي خدمتن تي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مھراڻ سٽيزن ڪلب مورو ۾ ھڪ شاندار تقريب ٿي گذري، جنھن ۾ ادب، تعليم، صحافت ۽ سماج سان لاڳاپيل شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. پروگرام جي صدارت نامياري اديب، سنڌي ٻولي جي ماھر محترم عبدالله خان جيسر ڪئي، جڏھن تہ مھمان خاص سگا مورو شاخ جو صدر پروفيسر شمشاد احمد سومرو ھيو جڏھن ته مھمانن۾محترم تابش بخاري، محترم ادريس جتوئي، عظيم سنڌيءَ جا فرزند محترم حبيب الرحمان سولنگي ۽ محترم مجيب الرحمان سولنگي شامل ھئا. پروگرام جي شروعات ۾ مرحوم عظيم سنڌي ۽ سگا جي اڳوڻي مرڪزي ساٿي پروفيسر مظھرالدين ميمڻ جي روحن کي ايصالِ ثواب لاءِ فاتح پڙھي وئي٠ان بعد خوبصورت راڳي عزيز سابقي لطيف سائين جي وائي پيش ڪئي. جنھن بعد اديبن شاعرن سماجي اڳواڻن اظھار مخدوم ادريس جتوئي اسلم عباسي نذير ناز جويو زاھد ڏيپر امداد سولنگي عمر سيال ڊاڪٽر ممتاز ميمڻ نثار احمد ميمڻ ادل سولنگي اسلم لغاري حبيب الرحمان سولنگي ۽ مجيب سولنگي الھ بچايو لغاري عمر سيال نذير زرداري صوفي غلام مصطفيٰ مڱڻيجو ممتاز مصطفيٰ کوسو ڳالھائيندي چيو ته عظيم سنڌي نه صرف شاعريءَ ۾ مزاحمتي ۽ قومي فڪر جو علمبردار هو، پر عملي زندگيءَ ۾ به انساني حقن، ٻوليءَ ۽ ڌرتيءَ لاءِ جدوجهد ڪندڙ هڪ متحرڪ شخصيت هو. هنن چيو ته عظيم سنڌيءَ جو ادبي ورثو سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هڪ باب وانگر ياد رکيو ويندو. عظيم سنڌيءَ جون سگا توڙي سنڌي ادبي سنگت جي بنياد وجھڻ ۾ اھم خدمتون آھن. ھن پورھيو ڪري پنھنجي اولاد کي بھتر تعليم ڏياري اعلي منصب تي پھچايو. سنڌ تي جڏھن ڏکيو دور ھو تہ ھن خاڪي جويي سان گڏجي ساڃاھ رسالي جي وڏي عرصي تائين جاري رکيو. عظيم سنڌيءَ جي شاعريءَ ۾ فڪر جي روشني، درد جو احساس ۽ عوامي جدوجهد جو سچو آواز موجود آهي. هو پنهنجي ڪلام وسيلي ماڻهن جي شعور کي جاڳائيندو رهيو. ھن پنھنجي حياتي ۾ نوجوانن ۾ علمي، ادبي ۽ قومي تحرڪ پيدا ڪيو. سندس دڪان جي بيٺڪ عوامي ۽ ثقافتي درسگاھ ھئي جتي ڪيترائي سنڌ جا ناليوارا اديب، شاعر قومي ڪارڪن ۽ نوجوان اچي علم ادب ۽ سنڌ جي ترقيءَ بابت ڪچهريون ڪندا ھئا. ٻيهر منظم ڪرڻ، نون نوجوانن کي ادب ڏانهن آڻڻ ۽ فڪري ويجهڙائي پيدا ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو. ھن اسان جھڙن ڪيترن ئي ليکڪن کي همٿايو ۽ ادب ڏانھن راغب ڪيو. هن جي جدائيءَ سان ادبي سنگت هڪ سچي ڪارڪن کان محروم ٿي وئي آهي. عظيم سنڌيءَ جو ڪردار فقط ادب تائين محدود نہ هو. هو تعليم، سماج سڌار ۽ نوجوانن جي شعور جي تعمير لاءِ سرگرم رهيو. سندس شخصيت مان محبت، عاجزي ۽ فڪري سچائي جھلڪندي هئي. سگا شاخ موري جي صدر نامياري محقق محترم پروفيسر شمشاد احمد سومري چيو تہ عظيم سنڌيءَ جون ادبي خدمتن سان گڏ سماجي خدمتون بہ عالم آشڪار آھن. ھن سگا شاخ موري کي فعال ۽ مضبوط بنائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. تعليمي ۽ تنظيمي طور تي ھن نوجوانن جي رھنمائي ڪئي. محترم تابش بخاري چيو تہ استادبخاري ۽ عظيم سنڌي سنڌو درياءَ جا اھي ٻہ ڪنارا آھن جن پنھنجي ادبي ۽ فڪري شعور سان سنڌي سماج کي گھڻو ڪجھ ڏنو آهي. سندن محبت ۽ دوستي سدائين قائم رھي. عظيم سنڌي جي شاعري سنڌي قوم خاص طور نوجوانن لاءِ مشعل راه آهي. آخر ۾ صدارت خطاب ڪندي محترم عبدالله خان جيسر چيو تہ عظيم سنڌي جي شاعريءَ ۾ سماج جو مڪروھ چھرو نظر اچي ٿو. ھن سادي ٻولي ۽ لھجي ۾ ٻھراڙيءَ جا سادا محاورا، چوڻيون ترڪيبون، تشبيهون استعمال ڪيون آھن. ھن جي ڪلام ۾ پورھيت طبقي جي پيڙا، ھمت، حوصلو ۽ سماجي شعور جا بجا آھي. ھو اسان جي دلين ۾ سدائين حيات رھندو. اھڙا ماڻھو ڪڏھن بہ مرڻا ناھن. ھن تقريب ۾ دادو مٺياڻي شاھپور جھانيان دولتپور نوان جتوءي مناھي ۽ موري جي اديبن شاعرن سماجي اڳواڻن ۽ ٻين ڪيترن ئي مختلف مڪتبه فڪر جي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. آخر ۾ مرحوم لاءِ دعا ڪئي وئي تہ الله پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ سندس علمي، ادبي ۽ سماجي ورثي کي هميشہ زنده رکي. ھن پروگرام جي ڪاروائي سنڌي ادبي سنگت شاخ موري جي سيڪريٽري ۽ سگا موري جي جواءنٽ سيڪريٽري خالد ’ساحل‘ ڪيريو ھلائي.ان تقريب ۾ سگا جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ محترم پروفيسر مظھرالدين ميمڻ پنجويھين ورسي جي ڏھاڙي جي مناسبت سان سندس ڪيل علمي سماجي خدمتن تي پڻ روشني وجھندي کيس ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو ويوـ ان سان گڏوگڏ استادن جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان پڻ استادن جي عظمت کي سلام پيش ڪيو ويو ـ