ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) آل پاڪستان ٽرڪ ٽرالر مزدا گڏز ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن جي چيئرمين حاجي محمد پناهه بلوچ، مرڪزي صدر مير وحيد کوسو ۽ يونين انچارج ارشد علي چنا چيو آهي اسان جي يونين سنڌ توڙي بلوچستان ۾ ڊرائيورن جي مختلف مسئلن تي ڪم ڪري رهي آهي، اسان ڊرائيورن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ڊرائيورن کي ڪٿي به اگر ڪو مسئلو هجي بيماري، فوتگي يا ٻيو ڪجهه ته اسان سان رابطو ڪن اسان ان ئي وقت اتي پهچي انهن جي مدد ڪندا سين، اگر ڪنهن ڊرائيور کي ٽريفڪ پوليس، موٽروي پوليس، ڊسٽرڪٽ پوليس بلا جواز تنگ ڪري ٿي ته اسان بر وقت انهن جي مدد ڪندا سين ۽ انهن مان ڊرائيورن جي جان ڇڏائندا سين ٽرڪ ٽرالر مزدا جي ڊرائيورن کي گذارش آهي ته اچو اسان سان گڏ ٿيو اسان توهان جي هر ممڪن مدد ڪندا سين هنن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني گورنمينٽ ڊرائيورن سان 10 ويلر ٽرالر جي وزن جي حساب سان انتهائي ظلم ڪري رهي آهي 45 ٽن بجاءِ 25 مقرر ڪيو ويو آهي جنهن تي روزي به نٿي ٿئي وري مٿائون ڳرا چالان ڪٽي چيلهه ڀڃي ڇڏين ٿا اسان جي حڪومت کي اپيل آهي ته 10 ويلر ٽرالر مٿان وزن واري چالان کي گهٽ ڪيو وڃي جئين ڊرائيور ڪمائڻ سميت سک جو ساهه کڻي سگهن ٻي صورت احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي
0 تبصرے