نوشهروفيروز ۾ استادن ۽ ماسترياڻين جو ايس ٽي آر پاليسي خلاف احتجاجي مظاهرو

عبدالستار پٺاڻ، رفيق سولنگي، معشوق وڳڻ، حيدر مڱڻهار، آفتاب مورو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو

نوشهروفيروز ۾ استادن ۽ ماسترياڻين جو ايس ٽي آر پاليسي خلاف احتجاجي مظاهرو

نوشهروفيروز (ڊ ر) ايس ٽي آر پاليسي نامنظور نوشهروفيروز ۾ ميل ۽ فيميل استادن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي عبدالستار پٺاڻ، رفيق سولنگي، معشوق وڳڻ، حيدر مڱڻهار، آفتاب مورو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن نعريبازي به ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي استادن چيو ته سنڌ سرڪار ۽ آفيسر ملي ڀڳت ايس ٽي آر پاليسي تحت استادن جون مقرريون ۽ بدليون ڪري کين ڊسٽرب ڪيو آهي جن بدلين ۽ مقررين کي اسان نه ٿا مڃون ڇو ته اها پاليسي انتهائي غلط عمل آهي هنن چيو ته اسان ٽي اي اوز سان گڏجي لسٽون تيار ڪري ڊي او جي حوالي ڪيون آهن جن تي عمل ڪرڻ بجاءِ ڊي اي او سرڪار جي حڪم تي بدليون ۽ مقرريون ڪيون آهن جنهن ۾ استادن کي خاص ڪري فيميل تنگ ڪرڻ لاءِ اهڙن اسڪولن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي جتي اڳ ئي استادن جي گهڻائي آهي ٿيڻ ته ايئن گهرجي هان تعلقي ۾ بند پيل اسڪولن کي کولرائڻ لاءِ استادن کي مقرر ڪيو وڃي هان سو به انهن استادن کي جيڪي ينگ آهن هتي ايئن ٿيو آهي ته عمر رسيده استادن کي پنجاھ ڪلوميٽر پري مقرر ڪيو ويو آهي اهڙي ايس ٽي آر پاليسي تي عمل نه ڪنداسين هنن مطالبو ڪيو ته استاد دشمن پاليسي ختم ڪري استادن ذهنن ۾ پيدا ٿيل بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو