English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
93 views
|
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڪارروائين دوران گلزار عرف سڌير، عبدالوحيد کوسو ۽ فهيم ڪشميري کي گرفتار ڪري ورتو: پوليس
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي مختلف علائقن ۾ پوليس جون ڪارروايون جاري آهن، جنهن دوران اسٽرٽ ڪرائمز، هائوس رابري، موٽرسائيڪل لفٽنگ ۽ هٿياربندن سان مقابلي ۾ ڪيترائي جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن ٿاڻو ميمڻ ڳوٺ پوليس اسٽيٽ 2 حيدر شاهه مزار جي ويجهو دورانِ گشت موٽر سائيڪل سوار جوابدارن سان مقابلو ڪيو. ٻنهي طرفن مان فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ملزمان زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا. پوليس موجب گرفتار ٿيل ملزمان ۾ گلزار عرف صدير ولد امام دين، عبدالوحيد ولد حاجي ڪوسو ۽ فهيم ڪشميري ولد غلام نبي شامل آهن. پوليس سندن قبضي مان ٽن پسٽلن سميت لوڊ ميگزين ۽ زنده رائونڊز برآمد ڪيا. ملزمان جي استعمال هيٺ موٽر سائيڪل 125 نمبر KPL-8424 به هٿ آئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل ملزمان جو اڳوڻو ڪيسن وارو رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.سُڪڻ پوليس دورانِ گشت مڪي شاهه جي ويجهو ڪارروائي ڪندي ٻن جوابدارن طاهر ۽ ماجد کي گرفتار ڪيو. پوليس مطابق گرفتار ٿيل جوابدار هڪ اهڙي ٽولي سان واسطو رکن ٿا جيڪو هٿيارن جي زور تي شهرين کان ڦر لٽ ۽ گهرن ۾ ڦرن جون وارداتون ڪندو رهيو آهي. طاهر اڳ به مختلف وارداتن ۾ گرفتار ٿي جيل هليو ويو هو. پوليس موجب گرفتار ملزمان ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ موٽرسائيڪل لفٽنگ، ڦرن ۽ ٻين ڏوهن جون وارداتون ڪيون آهن ۽ شروعاتي تحقيقات ۾ اعتراف ڪيو آهي ته مزاحمت تي شهرين کي زخمي به ڪيو. ڪجهه ڏينهن اڳ سائٽ سپر هاءِ وي ۽ قيوم آباد ۾ به لٽ مار ۾ ملوث رهيا. پوليس سندن قبضي مان ٻه پسٽل، ايمونِيشن، هڪ ڇيني وئي موٽرسائيڪل، موبائل فون ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي آهي ساڳئي وقت ابراهيم حيدري پوليس گشت دوران هٿياربندن ڏوهارين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته هنن پوليس تي فائرنگ ڪئي. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ملزم زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيو، جنهن جي سڃاڻپ اسامه عرف شيُرو طور ٿي، جڏهن ته سندس هڪ ساٿي فرار ٿي ويو. زخمي ملزم کان هڪ پسٽل، ايمونِيشن، موبائل فون ۽ نقد رقم برآمد ڪئي وئي. پوليس موجب هٿ آيل اسلح کي فرانزڪ لاءِ موڪليو ويو آهي ۽ زخمي جوابدار کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي پوليس جي ترجمان موجب سڀني ڪاررواين ۾ ضابطي تحت قانوني ڪارروائي جاري آهي ۽ فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ سنڌ ۾ ميرپورخاص لاءِ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس سنڌ ۾ لاڙڪاڻي لاءِ انيڪ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هنڱورجا واسي نوجوان دبئي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت، سندس مڙهه اڄ ملتان آڻڻ جو امڪان
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير پوليس پاران وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ لاؤڊ اسپيڪر جو استعمال ، رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي ويئي
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران روپوش جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
0 تبصرے