ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي

ميمڻ ڳوٺ ڀرسان ملير ندي مان لاش مليو، اطلاع تي پوليس پهچي ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو

ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ميمڻ ڳوٺ ڀرسان ملير ندي مان هڪ نامعلوم شخص جو لاش هٿ آيو آهي. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو پوليس موجب لاش جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي ۽ پوسٽ مارٽم بعد ئي موت جو سبب معلوم ٿي سگهندو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي هر رخ کان جاچ جاري آهي ۽ سڃاڻپ لاءِ علائقي جي ماڻهن ۽ رڪارڊ جي مدد ورتي پئي وڃي پوليس اختيارين عوام کي به اپيل ڪئي آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو جو گم ٿيڻ جو اطلاع هجي ته ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي سان رابطو ڪري سڃاڻپ ۾ مدد ڪن.