گڏاپ سٽي پوليس جي ڪارروائي، اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث ٻه جوابدار گرفتار

گڏاپ سٽي پوليس جي ڪارروائي، اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث ٻه جوابدار گرفتار

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گڏاپ سٽي پوليس اسٽريٽ ڏوهاري وارڌاتن ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي گرفتار ڪري ورتو پوليس موجب گڏاپ سٽي جي علائقي ۾ ڇاپي دوران ٻن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو پوليس جي بيان مطابق جوابدارن جي قبضي مان هڪ پسٽل، هڪ 12 بور رائفل ۽ رائونڊز هٿ آيا آهن۔ گرفتار ٿيل جوابدارن جي سڃاڻپ واصل خان ۽ داد محمد جي نالن سان ٿي آهي پوليس موجب هٿ آيل هٿيارن کي فرانزڪ ۽ ڪيميڪل جاچ لاءِ روانو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻنهي جوابدارن جو گذريل ڏوھاري رڪارڊ پڻ چيڪ ڪيو پيو وڃي پوليس چيو آهي ته گرفتار جوابدارن خلاف قانوني ضابطن تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي۔