English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
افغان بستيءَ ۾ ٻئي ڏينهن به آپريشن، گهر ڊاهڻ دوران پٿرا۽ فائرنگ: 3 زخمي، 4 گرفتار
217 views
|
16th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
انتظاميه پاران گهر ڊاهڻ لاءِ ڪيل آپريشن دوران رهواسين ۽ پوليس ۾ چڪريون، 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) افغان بستيءَ تي شروع ڪيل آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري رهيو جتي انتظاميا پاران گهر ڊاهڻ جي ڪوششن دوران پوليس ۽ ماڻهن ۾ سخت جهيڙن جا واقعا ٿيا. پٿرا، لوهي شيخون جو استعمال ۽ هوائي فائرنگ به ٿي جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿيا جڏهن ته 4 ڄڻن کي پ گرفتار ڪيو ويو انتظاميا جو چوڻ هو ته جڏھن انتظاميا گهر خالي ڪرائڻ ۽ ڊاهڻ جوجو عمل شروع ڪيو ته مقامي ماڻهن احتجاج ڪندي مزاحمت ڪئي ۽ رستا بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان دوران ماحول سخت تڪراري بڻجي ويو ان موقعي تي ماڻهن طرفان پٿرائو ڪرو ويو ۽ پوليس به ڪنٽرول لاءِ سخت ڪارروائي ڪئي. پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ گرفتار ٿيلن خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي ايس ايس پي اولھ طارق الاهي مستوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هي سرڪاري زمين آهي، آپريشن ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي. خالي گهرن کي هر صورت ۾ ڊاهيو ويندو. جيڪي ماڻهو آپريشن ۾ رڪاوٽ وجهن ٿا تن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.ٻئي پاسي، مقامي رهواسين جو چوڻ آهي ته ڪيترائي افغان خاندان پنهنجا ڪچا گهر ۽ جھونپڙيون ڇڏي ويا آهن پر دعويٰ آهي ته اصل رڪاوٽ قبضا مافيا ۽ لينڊ گريبرز وجهي رهيا آهن، جيڪي هن زمين تي پنهنجا مفاد بچائڻ چاهين ٿا سماجي ڪارڪنن ۽ انساني حقن جي تنظيمن خبردار ڪيو آهي ته جبري بي دخلي ۽ بغير متبادل رهائش فراهم ڪرڻ متاثر خاندانن سان ناانصافي آهي، جيڪا انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. انهن چيو ته حڪومت کي صرف آپريشن ۽ زمين خالي ڪرائڻ بدران شفاف پاليسي، سماجي بحالي ۽ بي گهر ٿيلن لاءِ مستقل بندوبست ڪرڻ گهرجي، ته جيئن شهر ۾ وڌيڪ بحران پيدا نه ٿئي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
افغان بستي
0 تبصرے