English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گلشن حديد ۾ ڌارين جي آبادڪاري، زمينن تي والار ۽ ترقي جي نالي ۾ تباهي خلاف ميڙاڪو
138 views
|
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ انڊيجيئنس رائيٽس الائنس جي ميڙاڪي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس طرفان گلشن حديد ۾ ڌارين جي آبادڪاري، زمينن تي والار ۽ ترقي جي نالي ۾ ٿيندڙ تباهي خلاف ميڙاڪومنعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سول سوسائٽي، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، اديبن، دانشورن ۽ علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ميڙاڪي ۾ نامور شخصيتن خداڏنو شاھ، عبدالخالق خالق جوڻيجو،عثمان بلوچ خير محمد مگسي، معين مگسي، حفيظ بلوچ، ولي ناريجو، اصغر باغي ۽ عاشق بهليم خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي وسيلن تي ڌارين جي والار ۽ جعلي ترقياتي منصوبن جي نالي ۾ تباهي مقامي ماڻهن جي بقا ۽ سڃاڻپ لاءِ وڏو خطرو بڻجي چڪي آهي.مقررن چيو ته زرعي زمينون ۽ قدرتي وسيلا تباهه ڪري نه رڳو مقامي ماڻهن جي روزگار ۽ ماحوليات کي نقصان پهچايو پيو وڃي پر سنڌ جي اصل رهاڪن کي بيدخل ڪرڻ جي سازش به هلي رهي آهي. هنن زور ڏنو ته سنڌ جي زمين، پاڻي ۽ وسيلن تي سڀ کان پهريان مقامي ماڻهن جو حق آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ انهن حقن تان هٿ کڻڻ منظور نه آهي.اديبن ۽ سياسي اڳواڻن چيو ته هاڻوڪي پاليسين سبب ڳوٺ تباهه ٿي رهيا آهن، زميندار ۽ هاري اجڙجي رهيا آهن، جڏهن ته تعليم ۽ ترقي جا نعرا رڳو ڌوڪو آهن. هنن مطالبو ڪيو ته ڌارين جي آبادڪاري ۽ زمينن تي والار خلاف فوري قدم کنيا وڃن ۽ مقامي ماڻهن کي پنهنجي وسيلن تي مالڪي جو حق ڏنو وڃي ميڙاڪي جي پڄاڻيءَ تي قرارداد منظور ڪئي وئي جنهن ۾ اعلان ڪيو ويو ته سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي والار خلاف جدوجهد جاري رهندي ۽ سول سوسائٽي، سياسي پارٽيون ۽ عوام گڏجي پنهنجا حق بچائيندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌ انڊيجيئنس رائيٽس الائنس
0 تبصرے