English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گلشن حديد ۾ ڌارين جي آبادڪاري، زمينن تي والار ۽ ترقي جي نالي ۾ تباهي خلاف ميڙاڪو
37 views
|
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ انڊيجيئنس رائيٽس الائنس جي ميڙاڪي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس طرفان گلشن حديد ۾ ڌارين جي آبادڪاري، زمينن تي والار ۽ ترقي جي نالي ۾ ٿيندڙ تباهي خلاف ميڙاڪومنعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سول سوسائٽي، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، اديبن، دانشورن ۽ علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ميڙاڪي ۾ نامور شخصيتن خداڏنو شاھ، عبدالخالق خالق جوڻيجو،عثمان بلوچ خير محمد مگسي، معين مگسي، حفيظ بلوچ، ولي ناريجو، اصغر باغي ۽ عاشق بهليم خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي وسيلن تي ڌارين جي والار ۽ جعلي ترقياتي منصوبن جي نالي ۾ تباهي مقامي ماڻهن جي بقا ۽ سڃاڻپ لاءِ وڏو خطرو بڻجي چڪي آهي.مقررن چيو ته زرعي زمينون ۽ قدرتي وسيلا تباهه ڪري نه رڳو مقامي ماڻهن جي روزگار ۽ ماحوليات کي نقصان پهچايو پيو وڃي پر سنڌ جي اصل رهاڪن کي بيدخل ڪرڻ جي سازش به هلي رهي آهي. هنن زور ڏنو ته سنڌ جي زمين، پاڻي ۽ وسيلن تي سڀ کان پهريان مقامي ماڻهن جو حق آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ انهن حقن تان هٿ کڻڻ منظور نه آهي.اديبن ۽ سياسي اڳواڻن چيو ته هاڻوڪي پاليسين سبب ڳوٺ تباهه ٿي رهيا آهن، زميندار ۽ هاري اجڙجي رهيا آهن، جڏهن ته تعليم ۽ ترقي جا نعرا رڳو ڌوڪو آهن. هنن مطالبو ڪيو ته ڌارين جي آبادڪاري ۽ زمينن تي والار خلاف فوري قدم کنيا وڃن ۽ مقامي ماڻهن کي پنهنجي وسيلن تي مالڪي جو حق ڏنو وڃي ميڙاڪي جي پڄاڻيءَ تي قرارداد منظور ڪئي وئي جنهن ۾ اعلان ڪيو ويو ته سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي والار خلاف جدوجهد جاري رهندي ۽ سول سوسائٽي، سياسي پارٽيون ۽ عوام گڏجي پنهنجا حق بچائيندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
15th Dec 2025
•
دنیا
مراکش میں طوفانی بارش اور سیلاب، مختلف حادثات میں 37 افراد جان سے گئے
15th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی حملہ: کسی بڑے انتہا پسند گروہ کے ملوث ہونے کے شواہد نہیں، آسٹریلوی وزیرِ اعظم
15th Dec 2025
•
تازہ ترین
وزارت کو جوتے کی نوک پر رکھتا ہوں، کراچی چلے گا تو پاکستان چلے گا: مصطفیٰ کمال
15th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور: پي ايس 9 تي ضمني چونڊ ۾ پ پ اميدوار آغا شهباز دراني ڪامياب قرار
15th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو پوليس جو جوا جي اڏي تي ڇاپو، 4 جواباز گرفتار
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
15th Dec 2025
•
دنیا
مراکش میں طوفانی بارش اور سیلاب، مختلف حادثات میں 37 افراد جان سے گئے
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌ انڊيجيئنس رائيٽس الائنس
0 تبصرے