English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
چنگي ٽيڪس تڪرار: سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران توهين عدالت جا نوٽيس ختم
229 views
|
21st Oct 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ هاءِ ڪورٽ وزيراعليٰ سنڌ کي 30 ڏينهن ۾ معاملو حل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي بينچ ۾ ابراهيم حيدري ٽائون ميونسپل ڪاميٽي (TMC) ۽ ڄامشورو ٽائون ڪاميٽي وچ ۾ کير ڏيندڙ جانورن (milching animals) تي ٽيڪس وصولي بابت هلندڙ توهين عدالت ڪيس جو فيصلو جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ عدالت پاران لاڳاپيل آفيسرن خلاف جاري ڪيل توهينِ عدالت جا نوٽيس ختم ڪري ڇڏيا ويا آهن عدالتي حڪم موجب ٻڌڻي دوران عدالت آڏو ظاهر ٿيو ته ڄامشوري ۾ ابراهيم حيدري ٽائون پاران ٽيڪس وصولي لاءِ لڳايل چيڪ پوسٽ جولاءِ 2025ع کان ڪم ڪري رهي هئي، جيڪا عدالت جي 21 آگسٽ 2025ع واري حڪم کان اڳ ئي قائم هئي.عدالت چيو ته، جيستائين وزيراعليٰ سنڌ هن معاملي تي فيصلو نٿو ڪري، تيستائين ٻنهي ٽائون ڪاميٽين مان ڪنهن کي به ٽيڪس وصولي جو حتمي حق نٿو ملي سگهي.جج جي حڪم موجب وزيراعليٰ سنڌ کي هدايت ڏجي ٿي ته هو ابراهيم حيدري ۽ ڄامشورو ٽائون ڪاميٽين وچ ۾ ٽيڪس وصولي جو معاملو 30 ڏينهن جي اندر حل ڪري.عدالت پنهنجي حڪم ۾ اڳي جاري ڪيل توهين عدالت جو نوٽيس ۽ آفيسرن جي معطلي وارو حڪم واپس وٺي ڇڏيو آهي.عدالت ۾ درخواستگذار طرفان ايڊووڪيٽ رحمان قياني پيش ٿيا، جڏهن ته مبينا توهين ڪندڙ آفيسرن جي وڪيلن ۾ عبدالستار پيرزادو، خالد جاويد، مامون اين چودھري، الطاف حسين ۽ عمران خان ابڙو شامل هئا، جڏهن ته حڪومت سنڌ جي نمائندگي اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل ڪئي.حڪم ۾ وڌيڪ چيو ويو ته، درخواستگذار اڳ ۾ به هاءِ ڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ ۾ ساڳئي چيڪ پوسٽ جي تنصيب خلاف پٽيشن داخل ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ کيس ڪا عبوري رليف حاصل نه ٿي آهي، تنهنڪري عدالت في الحال ڪنهن به ٽائون ڪاميٽي کي ترجيح ڏيڻ کان پاسو ڪندي معاملو انتظامي سطح تي حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ شيخ برادري جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاج
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معرڪه حق جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوشهروفيروز ڪيمپس ۾ ليڪچر پروگرام منعقد
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا مائنر جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف پڇڙي جي آبادگارن ۽ ھارين جو ڌرڻو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
milching animals
ورٽ پاران توهين عدالت جا نوٽيس ختم
0 تبصرے