English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ ۾ شديد برساتن جي اڳڪٿي باوجود سنڌ ۾ ڪي به قدم ناهن کنيا ويا: اياز لطيف پليجو
129 views
|
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي آهي تہ سنڌ ۾ شديد برساتن جي اڳڪٿي باوجود ڪي بہ سنڌ ۾ قدم نہ کنيا ويا آھن. واھن ۽ شاخن جي کاٽي ناھي ٿي. بند مضبوط نٿا ڪيا وڃن. ٻوڏ دوران حڪومتي نمائندن، وزيرن جون زمينون ۽ فصل بچائڻ لاءِ ھترادو گھارا ھڻي غريب ماڻھن جا ڳوٺ ۽ ننڍن آبادگارن جا فصل ٻوڙيا وڃن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ پوليس، ايريگيشن، تعليم، صحت سميت ھر کاتو ڪرپشن جي دلدل ۾ ٻڏل ھجڻ ڪري عوام بنيادي حقن ۽ انصاف کان محروم آھي. پيپلز پارٽي جي 18 سالن جي حڪمرانيء سنڌ جي سمورن ادارن جي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي. ڪرپشن جا نوان نوان طريقا ايجاد ڪري سنڌ جي وسيلن ۽ عوام کي لٽيو ۽ ڦريو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ غريب عوام، پورھيت، ھاري ۽ مزدور انصاف لاءِ سڀ کان پھرين پوليس وٽ وڃن ٿا پر اتي رشوت کانسواءِ ڪنھن جي فرياد بہ نٿي ورتي وڃي. سرڪاري اسپتالن ۾ معياري علاج ناھي، جنھن ڪري جن وٽ پئسا ناھن، اھي ماڻھو تڙپي تڙپي مري وڃن ٿا. سرڪاري تعليمي ادارن ۾ تعليم جي حالت خراب ھجڻ ڪري پرائيويٽ تعليمي ادارا وڌي ويا آھن، جتي حڪمران طبقي، آفيسرن ۽ وڏن ماڻھن جا ٻار پڙھن ٿا، باقي جن وٽ پئسا ناھن انھن جا ٻار معياري تعليم کان محروم آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپشن جي ڪري غير قانوني پرڏيھي ڪرپٽ آفيسرن ذريعي شناختي ڪارڊ کان وٺي ھر ڪاغذ ٺھرائين ٿا. دھشتگرد قانون جي پڪڙ کان پري رھن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جون سرڪاري زمينون بي زمين ھارين کي ڏنيون وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ
0 تبصرے