English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ دشمن منصوبن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي 14هين ڏينهن به مظاهرا
views
|
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌو تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمن، ڪرپشن، ڏوھن ۽ ميرٽ جي لتاڙ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي: اڳواڻ
حيدرآباد /ٽنڊو ڄام/ شھدادڪوٽ/ نندو /ٻھارا(رپورٽرز وٽان) پاڻي تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمن، ڪرپشن، ڏوھن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي 14ھين ڏينھن بہ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاھرن ڪيا ويا ان سلسلي ۾ ٽنڊو ڄام ۾ پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو. احتجاج جي اڳواڻي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي قومي عوامي تحريڪ، ھميرا خاضخيلي، حيدرآباد ضلعي جي صدر نذير بليدي، گل محمد سولنگي، بابو ميمڻ، راجا چانڊيو، نور حسن جمالي، رب ڏنو ملڪ، بابو سولنگي، جمن سولنگي، احسن علي ۽ شير علي سولنگي ڪئي. قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي پڻ شريڪ ٿيو.شهدادڪوٽ ۾ قومي عوامي تحريڪ ضلعي شھدادڪوٽ جي صدر علي اڪبر خاصخيلي، ضمير مغيري، جاويد جمالي، نياز عمراڻي، عرض محمد جمالي، جي اڳواڻي ۾ ڪوٽو موٽو چوڪ تي احتجاجي مُظاهرو ڪيو ويو. ننڍو شھر ۾ ڪامريڊ حسين درس، سليم ملاح، عبدالرسول ملاح، اسماعيل ملاح، جمعون سولنگي، ذوالفقار علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٻهارا ۾ قومي عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽو جي صدر ممتاز علي شيخ، حبيب الله پليجو، غفور سومرو، آمين جوڻيجو، ڪامريڊ صديق پليجو ، اڪرم دل، متن پليجو، يوسف سنڌي، محمد پليجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي سنڌياڻي تحريڪ مرڪزي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي چيو تہ خطاب ڪندي چيو تہ پيپلزپارٽي جي ڪرپث حڪمرانن 18 سالن کان حڪمراني ڪري سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي سنڌ جي ماڻھن کي ھاڻ ھنن مان جان ڇڏائڻي پوندي. پاڻي ۽ زمينن جي تاريخ ساز جدوجھد جي پٺ ۾ خنجر ھنيو ويو. سنڌ جا ماڻھو پنھنجي بقا لاءِ جدوجھد جي ميدان تي اچڻ. سنڌياڻي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ درياھ ۽ زمينن لاءِ سڄي سنڌ ۾ جدوجھد ڪري رھي آھي. سنڌو درياھ تي ڌاڙا لڳي رھيا آھن. آصف زرداري ايوان صدر ۾ ويھي اقتدار لاء سوديبازي ڪري رھيو آھي. اقتدار لاءِ ڌاڙيل ڪئنال ٺاھيا پيا وڃن. چشمه جھلم، تونسا پنجند ۽ ٿل ڪئنال سنڌ دشمن منصوبا آھن. پنجاب 12 مھينا سنڌو درياھ جو پاڻي چوري ڪري ٿو. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ ۾ زراعت کي تباھ ڪري غربت، بيروزگاري، بدامني ۽ منشيات مسلط ڪئي وئي آھي. نوان ڪئنال ٺھيا تہ سنڌ ريگستان ٿي ويندي. وفاق ۽ سنڌ جي حڪمرانن وٽ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جو ڪو منصوبو ناھي. سنڌ ۾ آئين، قانون نالي ڪا شئي ناھي. انصاف ۽ امن صرف حڪمران طبقي لاءِ آھي. حسين درس خطاب ڪندي چيو تہ جمھوريت جي نالي ۾ انسان دشمن سرداري، جاگيرداري ۽ وڏيرا شاھي جو نظام قائم آھي. ھر طرف ڪرپشن جو راڄ آھي. اڳواڻن چيو ته نوڪرين، ڊگرين جو وڪرو، منشيات ۽ ماڻھن جو اغوا ڌنڌو بنجي ويو هو آھي. ڪرپشن جو ڪينسر پکڙجي ويو آھي. ممتاز شيخ خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ دشمن 6 ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا رد ڪيا وڃن. سنڌو درياھ تي ڌاڙا ھڻي سنڌ کي ريگستان بنائڻ بند ڪيو وڃي. سنڌ ڌاڙيلن ۽ ڏوھارين جي حوالي ڪئي وئي آھي. بدامني سبب ماڻھن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي. سنڌ دشمن منصوبن جي خاتمي تائين جدوجھد جاري رھندي. نظير بليدي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ مان تيل ۽ گئس نڪرو ٿو، قدرتي دولت سان مالا مال ھجڻ باوجود سنڌ ۾ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري عروج تي آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌ دشمن منصوبن خلاف
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے