عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي وفد جي بلاول سمون جي اڳواڻي ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل چيئرمين عبدالحميد پنهور سان ملاقات

شهر ۾ روڊ حادثه، موٽر سائيڪلن جي چوري، صحت ۽ اسڪولن جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي وفد جي بلاول سمون جي اڳواڻي ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل چيئرمين عبدالحميد پنهور سان ملاقات

ٺٽو ( شفيق ڀٽي) عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي وفد، صدر بلاول سمون جي اڳواڻي ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٺٽو جي چيئرمين عبدالحميد پنھور سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪري اهم معاملن تي ڳالھ ٻولھ ڪئي. وفد ۾ جنرل سيڪريٽري محمد عمر سرائي، سينيئر صحافي مجاهد واريو، نقاش مسيح ۽ بلاول ٻاٻڙو شامل هئا. ضلعي چيئرمين سان ملاقات دوران مختلف معاملن تي ڳالهه ٻول ڪئي وئي خاص طور تي شهر ۾ روڊ حادثه، موٽر سائيڪلن جي چوري، صحت ۽ اسڪولن جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، چيئرمين عبدالحميد پنهور سمورن مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل ادارن جي سربراهن سان ڳالهيون ڪري مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي وئي، انهيءَ ملاقات دوران سموري ضلعي مان ڪم سانگي ايندڙ ماڻهن جي رش لڳل هئي، جن جا مسئلا ٻڌي، فوري طور تي چيئرمين عبدالحميد پنھور واسطيدار ادارن سان رابطو ڪري سندن مسئلا حل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ۽ عوامي پريس ڪلب جي دوستن جي جدوجهد ۽ ڪاوشن کي ساراهيو ۽ آئينده به پنهنجي ضلعي جي سموري مسئلن جي حل لاءِ گڏيل طور حڪمت عملي جوڙي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، صدر بلاول سمون ۽ ساٿين پاران ضلعي جي سمورن مسئلن جي نشاندهي بابت رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو