English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
وزير ۽ ڪامورا عوام جي ٽئڪس سان ھلن ٿا پر پاڻ کي بادشاھ سمجھن ٿا: اياز لطيف پليجو
views
|
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو صحت کاتو ڪرپشن جي ڪينسر ۾ ورتل آھي سرڪاري اسپتالن جي حالت خراب آھي معياري علاج جون سھولتون ناھن
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي جي ڪرپث حڪمرانن 18 سالن کان مسلسل سنڌ ۾ حڪمراني ڪري سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي سنڌ جي ماڻھن کي ھاڻ ھنن مان جان ڇڏائڻي پوندي.سنڌ جو وڏو مسئلو خراب حڪمراني ۽ اقرباپروري آھي. وزير ۽ ڪامورا عوام جي ٽئڪس سان ھلن ٿا، اھي پاڻ کي بادشاھ سمجھڻ ڇڏي ڏين. سڀ کان وڌيڪ طاقتور ڪرسي ناھي عوام کي وڏي طاقت آھي عوام کي لتاڙڻ ۽ نظرانداز ڪرڻ بند ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪومت سنڌ جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي. تعليم، صحت، روزگار، زراعت، صنعت، آئي ٽي ٽيڪنالاجي، خوشحالي ڏيڻ بدران سنڌ ماڻھن کي پينو فقيرن جو لشڪر بنائڻ چاھي ٿي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جو صحت کاتو ڪرپشن جي ڪينسر ۾ ورتل آھي سرڪاري اسپتالن جي حالت خراب آھي معياري علاج جون سھولتون ناھن. ڊاڪٽر ڊيوٽيون نٿا ڪن ڊي ايچ اوز ۽ ميڊيڪل آفيسر مٿي تائين ملي ڀڳت ڪري ڪروڙين روپيا ھڙپ ڪري وڃن ٿا. جيڪي دوائون خريد ڪيون وڃن ٿيون اھي غير معياري آھن. اڪثر اسپتالن ۾ دوائن جو کوٽ آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪراچي، حيدرآباد سميت سنڌ جي وڏن شھرن جي اسپتالن ۾ دوائن، خوراڪ، صفائي، تيل ۽ ٻين منصوبن جي نالي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ٿي رھي آھي. ماڻھو سرڪاري اسپتالن بدران پرائيويٽ اسپتالن جو رخ ڪن ٿا. خانگي ڊاڪٽرن کي ڏيکارين ٿا ۽ مھانگيون دوائون خريد ڪرڻ تي مجبور آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ سميت معياري ٽيسٽون نہ ٿيڻ ۽ سھولتن جي کوٽ جون شڪايتون جتان ڪٿان اچن ٿيون. اياز لطيف پليجي چيو تہ سند حڪومت غريب ماڻھن، ھارين ۽ پورھيتن لاءِ زندگي جا رستا بند ڪري ڇڏيا آھن. جن وٽ پئسا ناھن، انھن کي علاج جون سھولتون ناھن. آھي بيمارين ۾ تڙپي تڙپي مري وڃن ٿا. سنڌ ۾ غريب مسڪين ماڻھو غربت، بيروزگاري ۽ مھانگائي جي ڪري انتھا ڪسمپرسيءَ جي حالت جو شڪار آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ نوڪريون تہ وڪامن ٿيون پر سرڪاري ڊاڪٽرن سميت ھر کاتي جي آفيسرن جون مقرريون بہ لکين روپين جي رشوت تحت ٿين ٿيون. جيڪو ڊاڪٽر، جيڪو آفيسر پئسا ڏئي پوسٽنگ ڪرائي ٿو اھو پنھنجي ڊيوٽي مال ڪمائڻ لاءِ ڪري ٿو. عوام کي لٽي ٿو. ھر جائز ڪم لاءِ پئسا ڪمائي ٿو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجي
0 تبصرے