English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ ايس ٽي ايل ايف پاران نوجوانن جي تربيت مڪمل, موسميات جي حوالي سان عملي ڪم جي شروعات
views
|
22nd Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)سيو دي لائيوز فائونڊيشن (STLF) ۽ برٽش ڪائونسل جي سهڪار سان عمرڪوٽ ضلعي ۾ پاڪستان يوٿ ليڊرشپ انيشيئيٽو (PYLI) تحت نوجوانن جا تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪرايا ويا.سي اي او سيو دي لائيوز فائونڊيشن موجب ھڪڙي تربيت چار ڏينھن تي مشتمل ھئي، جڏھن ته اسين اھڙيون چار تربيتون ڪاميابي سان ڪرائي چڪا آھيون. چار ڏينهن تي ٻڌل تربيت ۾ ڳوٺاڻن علائقن جا نوجوان شامل ٿيا، جتي کين موسمياتي تبديليءَ بابت ڄاڻ ۽ اڳواڻيءَ جي عملي مهارتن بابت سکيا ڏني ويئي.سي اي او ڪنھيا موھن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته مذڪورہ تربيت صفائي، پاڻي جي بچت، قابل تجديد توانائي، وڻن جي پوک ۽ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ موسمي تبديلي جي باري ۾ آگاھي ڏيڻ تي مشتمل ھئي.سندس وڌيڪ چوڻ ھو ته شيڊيول مطابق ڪل ست تربيتي ورڪشاپ ڪرڻا ھئا جن مان چار ورڪشاپ ڪاميابيءَ سان مڪمل ٿي چڪا آھن ۽ تربيت يافتہ نوجوان پنهنجي علائقن ۾ عملي قدم کڻڻ لاءِ تيار آهن، جنهن ۾ وڻ پوکڻ، پاڻي بچائڻ ۽ ٻين پنجن موضوعن تي عملدرآمد شامل آهي. ايس ٽي ايل ايف جي سي اي او انجنيئر ڪنيا موهن لال وڌيڪ چيو ته: “هي نوجوان مستقبل جا اميد جوڳا اڳواڻ آهن، جيڪي پنهنجي علائقن ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيا آهن. سندن قدم ٿر ۽ عمرڪوٽ کي وڌيڪ صاف سٿرو ۽ خوبصورت بڻائيندا.” ان منصوبي تحت مجموعي طور تي 210 نوجوانن کي تربيت ڏني ويندي، جيڪي مستقبل ۾ موسمياتي اڳواڻ طور پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. جڏھن ته تربيت دوران ايم پي اي ھمير سنگھ سوڍا ۽ ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ پاران دورو پڻ ڪيو ويو، جن تنظيم جي منفرد انداز ۾ ڪم ڪرڻ تي ساراهيو ۽ نوجوانن جي پڻ ھمت افزائي ڪئي ويئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ ۾
PYLI
STLF
0 تبصرے