English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
تازين برساتن ملير جي سامونڊي پٽي تي آباد مهاڻن جا سور ٻيڻا ڪري ڇڏيا
143 views
|
22nd Aug 2025
•
سنڌي خبرون
يوسي چشمہ ۽ ريڙھي ڳوٺ جي جت پاڙي سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ٽن ڏينهن کان برسات جو پاڻي گهرن اندر بيٺل
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) تازين برساتن ملير جي سامونڊي پٽي تي آباد مهاڻن جا سور ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن يوسي چشمہ ۽ ريڙھي ڳوٺ جي جت پاڙي سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ٽن ڏينهن کان برسات جو پاڻي گهرن اندر بيٺل آهي جنهن سبب رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي رهواسي مهاڻن جو چوڻ آهي ته نه پيئڻ لاءِ صاف پاڻي آهي نه ئي بنيادي سهولتون، جڏهن ته پاڻي بيهجي وڃڻ سبب بيمارين پکڙڻ جا خطرا به وڌي ويا آهن سندن چوڻ هو ته چونڊن وقت ته چيئرمين، وائس چيئرمين ۽ صوبائي اميدوار ووٽ وٺڻ لاءِ گهرن تائين پهچن ٿا پر جڏهن اسان ٻڏي وڃون ٿا تڏهن ڪو به حال پڇڻ وارو ناهي.ڳوٺاڻن ابن جت، حسين جت، لالو جت ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته ڏکئي وقت ۾ سماجي اڳواڻ محمد بخش جت متاثر خاندانن تائين پهتو ۽ کين کاڌ خوراڪ پهچائي آھي محمد بخش جت جو چوڻ هو ته هي غريب ماڻهو هر سال برسات ۾ ٻڏن ٿا، پر حڪومت ۽ چونڊيل نمائندا رڳو تماشو ڏسن ٿا. حڪومت کي گهرجي ته برسات کان اڳ نيڪال جا بندوبست ڪري، پاڻي ڪڍڻ لاءِ مشينون لڳائي ۽ متاثرن کي راشن فراهم ڪري هن وڌيڪ چيو ته هي ماڻهو شهر کي مڇي ڏئي کارائين ٿا، پر جڏهن پاڻ مصيبت ۾ هجن ٿا ته حڪومت ۽ نمائندا کين وساري ڇڏين ٿا. سماجي اڳواڻ موجب، علائقي جا رضاڪار پنهنجي وس آهر مدد پيا ڪن، پر اصل ذميواري وڏو وزير، ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن تي آهي ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو آهي ته وڏو وزير ۽ لاڳاپيل اختيارين کي فوري نوٽيس وٺڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ هو سخت احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيندا يوسي چشمہ ۽ ريڙھي ڳوٺ جي جت پاڙي سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ٽن ڏينهن کان برسات جو پاڻي گهرن اندر بيٺل برسات جو پاڻي گهرن ۾ بيٺل آهي جنهن ڪري عذاب ۾ مبتلا آهيون، پيئڻ جي لاءِ صاف پاڻي ناهي: مهاڻا ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) تازين برساتن ملير جي سامونڊي پٽي تي آباد مهاڻن جا سور ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن يوسي چشمہ ۽ ريڙھي ڳوٺ جي جت پاڙي سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ٽن ڏينهن کان برسات جو پاڻي گهرن اندر بيٺل آهي جنهن سبب رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي رهواسي مهاڻن جو چوڻ آهي ته نه پيئڻ لاءِ صاف پاڻي آهي نه ئي بنيادي سهولتون، جڏهن ته پاڻي بيهجي وڃڻ سبب بيمارين پکڙڻ جا خطرا به وڌي ويا آهن سندن چوڻ هو ته چونڊن وقت ته چيئرمين، وائس چيئرمين ۽ صوبائي اميدوار ووٽ وٺڻ لاءِ گهرن تائين پهچن ٿا پر جڏهن اسان ٻڏي وڃون ٿا تڏهن ڪو به حال پڇڻ وارو ناهي.ڳوٺاڻن ابن جت، حسين جت، لالو جت ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته ڏکئي وقت ۾ سماجي اڳواڻ محمد بخش جت متاثر خاندانن تائين پهتو ۽ کين کاڌ خوراڪ پهچائي آھي محمد بخش جت جو چوڻ هو ته هي غريب ماڻهو هر سال برسات ۾ ٻڏن ٿا، پر حڪومت ۽ چونڊيل نمائندا رڳو تماشو ڏسن ٿا. حڪومت کي گهرجي ته برسات کان اڳ نيڪال جا بندوبست ڪري، پاڻي ڪڍڻ لاءِ مشينون لڳائي ۽ متاثرن کي راشن فراهم ڪري هن وڌيڪ چيو ته هي ماڻهو شهر کي مڇي ڏئي کارائين ٿا، پر جڏهن پاڻ مصيبت ۾ هجن ٿا ته حڪومت ۽ نمائندا کين وساري ڇڏين ٿا. سماجي اڳواڻ موجب، علائقي جا رضاڪار پنهنجي وس آهر مدد پيا ڪن، پر اصل ذميواري وڏو وزير، ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن تي آهي ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو آهي ته وڏو وزير ۽ لاڳاپيل اختيارين کي فوري نوٽيس وٺڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ هو سخت احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيندا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
سامونڊي پٽي
مهاڻن جا سور
0 تبصرے