English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي 18هين ڏينهن به سنڌ دشمن منصوبن خلاف مظاهرا
views
|
22nd Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياھ سڄي پاڪستان کي جوڙيندڙ ۽ ھزارين سالن جي تھذيب جي علامت آھي، ان تي قبضو برداشت نه ڪنداسين: اڳواڻ
حيدرآباد/پيارو اسٽيشن(رپورٽرزوٽان) پاڻي تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمن، ڪرپشن، ڏوھن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي 18ھين ڏينھن بہ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ اولڊ ڪئمپس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو ويو. احتجاج ۾ سنڌياڻي تحريڪ جون ڪارڪن پڻ شريڪ ھيون. احتجاج جي اڳواڻي نذير بليدي، بابو ميمڻ، معشوق چانڊيو، راول سيال، راجا چانڊيو، چيتن ڪمار، جمن سولنگي، نور حسن جمالي، رب ڏنو ملڪ، عمر چانڊيو، رمضان سولنگي، ثناءُالله بڙدي، حسن چانڊيو، عليش خاصخيلي، نادر مغيري، امام الدين سولنگي ۽ ٻين ڪئي. احتجاج ۾ مرڪزي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، سنڌيا جي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي، ماروي خاصخيلي پڻ شريڪ ٿي. پيارو اسٽيشن ۾ قومي عوامي تحريڪ ضلعي دادو جي صدر ايڊووڪيٽ مير کوسو،ايڊووڪيٽ سومر چانڊيو،اصغر رند، پنھل سولنگي، سڄڻ سيٽائي ، منور ملاح، صدام ڪلھوڙو جي اڳوڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي ۾ اڳواڻن چيو تہ سنڌو درياھ سڄي پاڪستان کي جوڙيندڙ ۽ ھزارين سالن جي تھذيب جي علامت آھي. سنڌو درياھ سان ڪروڙين زندگيون جڙيل آھن، 6 نوان ڪئنال ٺھيا تہ سنڌو درياھ ختم ٿي ويندو ۽ ڪروڙين انسان، پکي ۽ جانور مري ويندا. سنڌو درياھ تي ڪو بہ نئون ڊيم يا ڪئنال منصوبو موت جو پروانو آھي. ڪنھن بہ صورت ۾ سنڌ دشمن ڪئنال يا ڊيم کي قبول نہ ڪيو ويندو. ڪرپشن، بدامني ۽ منشيات بي حس حڪمرانن جا تحفا آھن. سنڌ کي ديوار سان لڳائڻ لاءِ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت ھڪ پيج تي آھي. ڪرپٽ ۽ نااھل حڪمران پنھنجن گروھي ۽ اقتداري مفادن لاءِ ملڪ ۾ وڏا بحران پيدا ڪري رھيا آھن. سنڌ جو تيل، گئس، درياھ، زمينون ۽ وسيلا ھڙپ ڪرڻ لاء نون صوبن جو شوشو ڇڏيو ويو آھي. سنڌ فتح ڪيل علائقو ناھي، سنڌ پاڪستان جي خالق آھي. سنڌ کي ٽوڙڻ جو مطلب پاڪستان خلاف سازش آھي. حڪمران پنھنجن مفادن خاطر ملڪ جي نقصان ڏيڻ چاھين ٿا. اڳواڻن چيو تہ درياھ، زمينون ۽ وسيلا وڪڻي اقتدار خريد ڪندڙ حڪمران سنڌ جا دشمن آھن. روٽي ڪپڙا اور مڪان جو نعرو ھڻي عوام سان غداري ڪئي وئي آھي. مھانگائي پورھيت عوام کي ٻہ وقت جي ماني ڦري ورتي آھي. لکين خاندان گھرن کان محروم آھن. پنھنجي مرضي جا ڪپڙا بہ خريد ڪري نٿا سگھن. ڪرپٽ ۽ عوام دشمن حڪمرانن کي درياھ ۽ زمينون وڪڻڻ نہ ڏينداسين، رت جي آخري ڦڙي تائين جدوجھد ڪري پنھنجي ايندڙن نسلن ۽ وسيلن کي بچائينداسين. اڳواڻن چيو تہ انڊس رور سسٽم ۾ ملڪ جي ضرورت جيترو پاڻي ناھي. سڄو سال سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي. پابندي باوجود چشمه جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال کولي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھنيا وڃن ٿا. صرف برساتن ۾ ڪوٽڙي کان ھيٺ پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو. پاڻي کوٽ جي ڪري لکين ايڪڙو زمين بنجر ٿي وئي آھي. سمنڊ ۾ پاڻي جو ڇوڙ نہ ٿيڻ ڪري سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. ساحلي پٽي جا ماڻھو پيئڻ جي صاف پاڻي کان بہ محروم آھن، بنيادي انساني سھولتون ناھن. غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذاري رھيا آھن. اڳواڻن چيو تہ سنڌ قدرتي دولت سان مالا مال آھي پر حڪمرانن جي ڦرلٽ سبب ھرطرف بدامني، جھالت، انتھاپسندي، غربت، بيروزگاري ۽ بدحالي آھي. اڳواڻن چيو ته سنڌ جا ماڻھو نفرت ۽ تعصب جي سياست کي رد ڪن ٿا. قومي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاء نفرت جون ڳالھيون ڪيون پيون وڃن. حڪمران ڪيتريون بہ سازشون ڪن پر درياھ ۽ زمينن جي جدوجھد جو رخ تبديل ٿيڻ نہ ڏينداسين. سنڌو درياھ جياپي جو ذريعو آھي، درياھ ھليو ويو تہ غلامن واري زندگي گذارينداسين. ڪارپوريٽ فارمنگ زمينن تي قبضي جي سازش آھي. ننڍيون ننڍيون رياستون ٺاھي سنڌي ماڻھن لاءِ نو گو ايريا بنايا ويندا. اڳواڻن چيو تہ پ پ حڪمران اقتدار لاء ھر سنڌ دشمن سوديبازي ڪري سگھن ٿا. ميرٽ جو قتل ڪري نوڪريون وڪرو ڪيون وڃن ٿيون. وزيرن کي ضلعا ورھائي ڏنا ويا آھن، پسند جا ڊي سي، ايس ايس پي ۽ ٻيا آفيسر مقرر ڪيا وڃن ٿا. مخالفن خلاف انتقامي ڪارروائي ڪئي وڃي ٿي. اڳواڻن چيو تہ ارسا ۽ واپڊا پاڻي چوري ۾ پنجاب جا سھولتڪار آھن. زراعت کي تباھ ڪري سنڌ جو معاشي قتل ڪيو ويو آھي. اڳواڻن چيو تہ ھٿ وٺي ميرٽ کي ختم ڪيو ويو آھي. پبلڪ سروس ڪميشن ڪرپشن جو اڏو بڻجي ويو آھي. نوڪريون لکين روپين کان ڪروڙين روپين تائين وڪرو ٿين ٿيون. غريب ذھين نوجوانن کي ھٿ وٺي فيل ڪيو وڃي. پيپلز پارٽي نوجوانن جي اميدن کي قتل ڪيو آھي. اڳواڻن چيو تہ سنڌ کي بيابان ۽ بنجر بنائڻ نہ ڏينداسين. 6 نوان ڪئنال ڪنھن بہ صورت ۾ قبول ناھن. وفاق ۽ سنڌ جي حڪمرانن جي ايجنڊا تي غريب عوام جي خوشحالي ناھي. ڌاڙيل ۽ منشيات فروشن جو راڄ قائم آھي. بدامني آھي. آئين ۽ قانون ناھي. انسان دشمن سرداري، جاگيرداري ۽ وڏيرا شاھي جو نظام جوڙي عوام کي غلام بنايو ويو آھي. اڳواڻن چيو تہ ڪنڌڪوٽ- ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، گھوٽڪي ۽ ٻيا ضلعا ڌاڙيلن جي حوالي ڪيا ويا آھن. سڄي سنڌ بدامني جو شڪار آھي. سمورا شھر آئيس، چرس، ٺري ۽ ٻي منشيات جو اڏو بنايا ويا آھن. ڀنگ لاءِ ماڻھو اغوا ۽ قتل ڪيا وڃن ٿا. اڳواڻن چيو تہ حڪمران ھوش کان ڪم وٺن. سنڌ دشمن 6 ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي رد ڪيو وڃي. سنڌو درياھ تي ڌاڙا ھڻي سنڌ کي ريگستان بنائڻ بند ڪيو وڃي، ملڪ خلاف سازشون بند ڪيون وڃن. ڌاڙيلن، ڏوھارين ۽ منشيات فروشن ۽ انھن جي سرپرستي ڪندڙ وزيرن کي گرفتار ڪيو وڃي. اڳواڻن چيو تہ قدرتي دولت سان مالا مال سنڌ جي نوجوانن کي روزگار ڏنو وڃي. پيئڻ جي صاف پاڻي، صحت، تعليم سميت بنيادي انساني سھولتون ۽ حق ڏنا وڃن. ھٿرادو مھانگائي ختم ڪئي وڃي. لوڊشيڊنگ ختم ڪري بجلي سستي ڪئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
گهڻن صوبن واري رٿا سنڌ جي بقا ءَ سلامتيءَ وحدانيت ۽ وجود تي وار
20th Aug 2025
•
پاکستان
بینظیر بھٹو گریجویٹ اسکالرشپس آکسفورڈ میں بلوچستان کے طلبا کے لیے سنہری موقع
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
بانی پی ٹی آئی نے محمود اچکزئی کو قومی اسمبلی میں اپوزیشن لیڈر کیلئے نامزد کردیا
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
اورنگی ٹاؤن میں زوردار دھماکے سے سیاسی جماعت کا دفتر زمین بوس، 7 زخمی
22nd Aug 2025
•
سنڌي خبرون
وفاقي حڪومت اسٽيل مل جي پورهيتن جون رهتون ڏيڻ لاءِ 2 ارب 87 ڪروڙ رپيا جاري ڪري ڇڏيا
22nd Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ترقي جي نالي تي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضي جو منصوبو آھي: اياز لطيف پليجو
22nd Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم جي صدارت ۾ ٽائون ڪميٽي مٺياڻي ۾ اجلاس
22nd Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو پوليس جي ڪارروائي، ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
قومي عوامي تحريڪ
سنڌو درياھ
0 تبصرے