English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: معذورن جي تنظِم اين ڊي ايف جي چيئرمين عابد لاشاري جي مان ۾ تقريب
75 views
|
26th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
معذور ٻارڙن جي بحالي ۽ معذور ڪوٽا ۾ نوڪرين جي ورڇ تي وڏو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي: عابد لاشاري
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) معزورن جي بحالي لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم NDF پاڪستان جي چيئرمين عابد لاشاري کي حڪومت پاران تمغه امتياز لاءِ نامزد ڪرڻ تي سندس مان ۾ ڊاڪٽر اصغر لاشاري پاران گهگهر ۾ آجياڻو ڏنو ويو جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن سميت علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي عابد لاشاري چيو ته مون ڪو وڏو ڪم نه ڪيو آهي اوترو ئي ڪري سگهيو آهيان جيترو منهنجي وس ۾ هو، هن چيو ته معذور ٻارڙن جي بحالي ۽ معذور ڪوٽا ۾ نوڪرين جي ورڇ تي وڏو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته اسان جي تنظيم جي ڪوشش سان سنڌ جي مختلف پنجن علائقن ۾ سينٽر قائم ٿي سگهيا آهن جتي معذور ٻارڙن جي بحالي لاءِ سندن علاج قابل ڊاڪٽر ڪري رهيا آهن پر وڌيڪ سينٽر قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي جئين جيڪي معذور ٻارڙا آهن انهن جي علاج ۾ وڌيڪ آساني ٿي سگهي، جسماني طور تي معذور ماڻهو وڏا ڪم ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو ۽ ڪم ڪري به وڃي ٿو پر ذهني طور معذور ماڻهو ڪنهن ڪم جو نٿو رهي مون ننڍپڻ ۾ ڪنهن حادثي ۾ پنهنجا هٿ وڃايا معذور ٿي پيس پر منهنجو ذهن معذور ناهي مون پنهنجي معذوري کي طاقت ۾ تبديل ڪري سماج جي ٻين معذور ٻارڙن جي خدمت لاءِ پاڻ پتوڙڻ شروع ڪيو ۽ اڄ وڏي خوشي ٿي آهي ته منهنجو پورهيو ساڀ پيو آهي، هن چيو ته سنڌ سرڪار جي سفارش تي مونکي تمغه امتياز لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي سندن مهربانيون پر مان ان کي انهن معزور ٻارن جي خدمت ۽ دعائن جو ثمر سمجهان ٿو هن وڌيڪ چيو ته اڄ آئون جنهن منزل تي آهيان ان ۾ منهنجي استاد جي ڏنل تعليم ۽ جيجل امڙ پاران ڪيل تربيت جو نتيجو آهي، جڏهن ته ان موقعي تي ڊاڪٽر اصغر لاشاري، علي حسن خاصخيلي، حبيب الله لاشاري، عوامي پريس ڪلب ملير جي صدر جمشيد زهراڻي ،سگهڙ احمد علي چانڊيو ،علي نواز لنجواڻي، ديدار ڀٽي، امام الدين اتيرو، سينگار بليدي ۽ ٻين مبارڪباد ڏيندي چيو ته اسين سمجهون ٿا ته عابد لاشاري جي ايوارڊ لاءِ نامزدگي سندس ڪم ۽ ڪردار جي ڪري ٿي آهي پر حقيقت اها آهي ته عابد لاشاري جو انسان ذات لاءِ پورهيو ان ايوارڊ کان تمام گهڻو مٿانهون آهي، تقريب ۾ عابد لاشاري کي سنڌ روايت پٽڪو ٻڌرائي ،سنڌي ٽوپي پارائي، لنگيون ۽ اجرڪون پڻ اوڍايون ويون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ سنڌ ۾ ميرپورخاص لاءِ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس سنڌ ۾ لاڙڪاڻي لاءِ انيڪ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هنڱورجا واسي نوجوان دبئي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت، سندس مڙهه اڄ ملتان آڻڻ جو امڪان
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير پوليس پاران وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ لاؤڊ اسپيڪر جو استعمال ، رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي ويئي
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران روپوش جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عابد لاشاري
0 تبصرے