ملير: معذورن جي تنظِم اين ڊي ايف جي چيئرمين عابد لاشاري جي مان ۾ تقريب

معذور ٻارڙن جي بحالي ۽ معذور ڪوٽا ۾ نوڪرين جي ورڇ تي وڏو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي: عابد لاشاري

ملير: معذورن جي تنظِم اين ڊي ايف جي چيئرمين عابد لاشاري جي مان ۾ تقريب

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) معزورن جي بحالي لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم NDF پاڪستان جي چيئرمين عابد لاشاري کي حڪومت پاران تمغه امتياز لاءِ نامزد ڪرڻ تي سندس مان ۾ ڊاڪٽر اصغر لاشاري پاران گهگهر ۾ آجياڻو ڏنو ويو جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن سميت علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي عابد لاشاري چيو ته مون ڪو وڏو ڪم نه ڪيو آهي اوترو ئي ڪري سگهيو آهيان جيترو منهنجي وس ۾ هو، هن چيو ته معذور ٻارڙن جي بحالي ۽ معذور ڪوٽا ۾ نوڪرين جي ورڇ تي وڏو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته اسان جي تنظيم جي ڪوشش سان سنڌ جي مختلف پنجن علائقن ۾ سينٽر قائم ٿي سگهيا آهن جتي معذور ٻارڙن جي بحالي لاءِ سندن علاج قابل ڊاڪٽر ڪري رهيا آهن پر وڌيڪ سينٽر قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي جئين جيڪي معذور ٻارڙا آهن انهن جي علاج ۾ وڌيڪ آساني ٿي سگهي، جسماني طور تي معذور ماڻهو وڏا ڪم ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو ۽ ڪم ڪري به وڃي ٿو پر ذهني طور معذور ماڻهو ڪنهن ڪم جو نٿو رهي مون ننڍپڻ ۾ ڪنهن حادثي ۾ پنهنجا هٿ وڃايا معذور ٿي پيس پر منهنجو ذهن معذور ناهي مون پنهنجي معذوري کي طاقت ۾ تبديل ڪري سماج جي ٻين معذور ٻارڙن جي خدمت لاءِ پاڻ پتوڙڻ شروع ڪيو ۽ اڄ وڏي خوشي ٿي آهي ته منهنجو پورهيو ساڀ پيو آهي، هن چيو ته سنڌ سرڪار جي سفارش تي مونکي تمغه امتياز لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي سندن مهربانيون پر مان ان کي انهن معزور ٻارن جي خدمت ۽ دعائن جو ثمر سمجهان ٿو هن وڌيڪ چيو ته اڄ آئون جنهن منزل تي آهيان ان ۾ منهنجي استاد جي ڏنل تعليم ۽ جيجل امڙ پاران ڪيل تربيت جو نتيجو آهي، جڏهن ته ان موقعي تي ڊاڪٽر اصغر لاشاري، علي حسن خاصخيلي، حبيب الله لاشاري، عوامي پريس ڪلب ملير جي صدر جمشيد زهراڻي ،سگهڙ احمد علي چانڊيو ،علي نواز لنجواڻي، ديدار ڀٽي، امام الدين اتيرو، سينگار بليدي ۽ ٻين مبارڪباد ڏيندي چيو ته اسين سمجهون ٿا ته عابد لاشاري جي ايوارڊ لاءِ نامزدگي سندس ڪم ۽ ڪردار جي ڪري ٿي آهي پر حقيقت اها آهي ته عابد لاشاري جو انسان ذات لاءِ پورهيو ان ايوارڊ کان تمام گهڻو مٿانهون آهي، تقريب ۾ عابد لاشاري کي سنڌ روايت پٽڪو ٻڌرائي ،سنڌي ٽوپي پارائي، لنگيون ۽ اجرڪون پڻ اوڍايون ويون.