پاڻي، بجلي، صفائي ۽ ٻين بنيادي مسئلن جي حل لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي: فيصلو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي يوسي 10 ڀٽائي آباد ۾ پاڻي، بجلي، صفائي ۽ ٻين بنيادي مسئلن جي حل لاءِ 31 آگسٽ آچر ڏھاڙي آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، اھڙو فيصلو مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي مشاورتي اجلاس ۾ ڪيو ويو. جنھن ۾ ف ليگ جي پي ايس 84 جي سينئير نائب صدر صفت علي شاهه، سول سوسائٽي ڀٽائي آباد جي چيئرمين گل حسن سومري، جماعت اسلامي گلستان جوھر جي ناظم انور صالح، ف ليگ پي ايس 84 جي ايڊيشنل سيڪريٽري بخش علي جھانگر، ڀٽائي آباد وارڊ 3 جي ناظم امين سومري، ڌڻي بخش جي ناظم برڪت علي ميراڻي، طارق مشتاق ، جسٽس آف پيس فريد ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو تھ يوسي جا چونڊيل نمائندا عوام جي اميدن تي پورو نه لٿا آهن ۽ علائقي کي مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڇڏيو ويو آهي،هاڻ سموريون سياسي ۽ سماجي قوتون عوام سان گڏجي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪنديون۔ اجلاس ۾ اهو به طئي ڪيو ويو ته اي پي سي سياسي وابستگين کان مٿڀري ھوندي، علائقي جي بهتري لاءِ گڏيل لائحه عمل جوڙيو ويندو.
0 تبصرے