English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گھگھر ۾ اي پي سي، بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ امن امان تي ڳڻتي، گڏيل جدوجهد جو اعلان
28 views
|
04th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
اي پي سي ۾ مولانا عبدالماجد نديم چاچڙ، جان محمد جاني ايڊووڪيٽ، رضا علي سنديلو ايڊووڪيٽ، رستم ميراڻي ۽ ٻِيا شريڪ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گھگھر ۾ پاڻي، بجلي ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي کوٽ سان گڏ امن امان جي خراب صورتحال ۽ مغوي اڪرم زھراڻي جي آزادي لاءِ جمعيت علماءَ اسلام جي پليٽ فارم تان آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ شھرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي مقامي هوٽل ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ مولانا عبدالماجد نديم چاچڙ، قاري ثنا الله عثماني، صبغت الله لاکو پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو، جان محمد جاني ايڊووڪيٽ، رضا علي سنديلو ايڊووڪيٽ، رستم ميراڻي عوامي تحريڪ ، ابراهيم کوکر، شمشاد زھراڻي جيئي ترقي پسند پارٽي ڊاڪٽر ملوڪ بگٽي، نظير زھراڻي، شير خان مير، ممتاز ڪانڌڙو، منور ڪانڌڙو، اويس ڪانڌڙو، مولانا عيسيٰ چاچڙ ۽ ٻين خطاب ڪيو.اڳواڻن چيو ته گھگھر ملير جو اهو بدنصيب علائقو آهي، جتي رهواسين کي بنيادي انساني حق به ناهن مليا. ٻن مهينن کان بجلي بند هجڻ سبب ڪاروبار ۽ روزگار ختم ٿي ويا آهن، پاڻي به ميسر ناهي، جڏهن ته شڪايت ڪرڻ تي گيس پڻ بند ڪئي وئي. تعليم ۽ صحت جون حالتون به انتهائي خراب آهن، جڏهن ته امن امان جي صورتحال ايتري بگڙيل آهي جو ڏينهن ڏٺي ماڻهو اغوا ڪيا وڃن ٿا. انهن چيو ته اڪرم زھراڻي ڪيترن ڏينهن کان ڌاڙيلن وٽ قيد آهي، پر پوليس اڃا تائين ڪو به اثرائتو قدم نه کنيو آهي.شرڪت ڪندڙن چيو ته هزارين ايڪڙ زمين وڪرو ڪرڻ باوجود اسڪول لاءِ هڪ ايڪڙ زمين به نه ڇڏي وئي آهي، جنهن سان علائقي جي پٺتي پيل هجڻ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڪانفرنس ۾ گڏيل جدوجهد جو اعلان ڪندي طئي ڪيو ويو ته پهرين مرحلي ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي ۽ مغوي اڪرم زھراڻي جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
رزاق آباد ۾ گندگيءَ جا ڍير، انتظاميه صرف فوٽو شوٽ تائين محدود
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
گھگھر ۾ پاڻي
0 تبصرے