English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گھگھر ۾ اي پي سي، بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ امن امان تي ڳڻتي، گڏيل جدوجهد جو اعلان
141 views
|
04th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
اي پي سي ۾ مولانا عبدالماجد نديم چاچڙ، جان محمد جاني ايڊووڪيٽ، رضا علي سنديلو ايڊووڪيٽ، رستم ميراڻي ۽ ٻِيا شريڪ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گھگھر ۾ پاڻي، بجلي ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي کوٽ سان گڏ امن امان جي خراب صورتحال ۽ مغوي اڪرم زھراڻي جي آزادي لاءِ جمعيت علماءَ اسلام جي پليٽ فارم تان آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ شھرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي مقامي هوٽل ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ مولانا عبدالماجد نديم چاچڙ، قاري ثنا الله عثماني، صبغت الله لاکو پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو، جان محمد جاني ايڊووڪيٽ، رضا علي سنديلو ايڊووڪيٽ، رستم ميراڻي عوامي تحريڪ ، ابراهيم کوکر، شمشاد زھراڻي جيئي ترقي پسند پارٽي ڊاڪٽر ملوڪ بگٽي، نظير زھراڻي، شير خان مير، ممتاز ڪانڌڙو، منور ڪانڌڙو، اويس ڪانڌڙو، مولانا عيسيٰ چاچڙ ۽ ٻين خطاب ڪيو.اڳواڻن چيو ته گھگھر ملير جو اهو بدنصيب علائقو آهي، جتي رهواسين کي بنيادي انساني حق به ناهن مليا. ٻن مهينن کان بجلي بند هجڻ سبب ڪاروبار ۽ روزگار ختم ٿي ويا آهن، پاڻي به ميسر ناهي، جڏهن ته شڪايت ڪرڻ تي گيس پڻ بند ڪئي وئي. تعليم ۽ صحت جون حالتون به انتهائي خراب آهن، جڏهن ته امن امان جي صورتحال ايتري بگڙيل آهي جو ڏينهن ڏٺي ماڻهو اغوا ڪيا وڃن ٿا. انهن چيو ته اڪرم زھراڻي ڪيترن ڏينهن کان ڌاڙيلن وٽ قيد آهي، پر پوليس اڃا تائين ڪو به اثرائتو قدم نه کنيو آهي.شرڪت ڪندڙن چيو ته هزارين ايڪڙ زمين وڪرو ڪرڻ باوجود اسڪول لاءِ هڪ ايڪڙ زمين به نه ڇڏي وئي آهي، جنهن سان علائقي جي پٺتي پيل هجڻ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڪانفرنس ۾ گڏيل جدوجهد جو اعلان ڪندي طئي ڪيو ويو ته پهرين مرحلي ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي ۽ مغوي اڪرم زھراڻي جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
گھگھر ۾ پاڻي
0 تبصرے