English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ايڇ پي وي سروائيڪل ڪينسر جي مهم کي پوليو وانگر ڪامياب ڪرڻ چاهيون ٿا: امتياز شيخ
185 views
|
10th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڪينسر خطرناڪ بيماري آهي ان سان موت واقعي ٿي سگهي ٿو يا زندگي مفلوج ٿي سگهي ٿي، ان جي ڪري مهم کي ڪامياب ڪيو وڃي
شڪارپور (احسان ابڙو ) پيپلز پارٽي اڳواڻ سابق صوبائي وزير ۽ ميمبر سنڌ اسيمبلي امتياز احمد شيخ، ڊي ايڇ او شڪارپور ڊاڪٽر نادر حسين پنهور پاران مقامي هوٽل دي ڪيومن ۾ ايڇ پي وي سروائيڪل ڪينسر جي حوالي سان سيمينار ۾ مهمان خاص طور شرڪت ڪئي ان موقعي تي پيپلز پارٽي اڳواڻ، سابق صوبائي وزير ۽ ميمبر سنڌ اسيمبلي امتياز احمد شيخ سيمينار ۾ خطاب ڪندي چيو ته ايڇ پي وي سروائيڪل ڪينسر جي مهم کي پيپلز پارٽي سنڌ حڪومت پوليو وانگر ڪامياب ڪرڻ چاهي ٿي، ان جي لاء پيپلز پارٽي جا ورڪر ۽ شهري پنهنجي گهر ڀاتين ۽ عوام کي محفوظ ڪرڻ لاء اڳتي اچن، امتياز احمد شيخ چيو ته ڪينسر خطرناڪ بيماري آهي ان سان موت واقعي ٿي سگهي ٿو يا زندگي مفلوج ٿي سگهي ٿي، ان جي ڪري مهم کي ڪامياب ڪيو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته شڪارپور ۾ عورتن جي نشونما ۽ ليڊيز جم لاء عليحده جيم خانو تعمير ڪرائي رهيا آهيون جيڪو جلد اوپن ڪيو ويندو، جنهن کي عورتون پاڻ سنڀال ڪنديون، هن چيو ته شيخ اياز يونيورسٽي ۾ عورتن جي تعليم لاء بهترين انتظام ڪيا آهن جيئن بهتر تعليم حاصل ڪري سگهن، ان موقعي تي ڊي سي شڪارپور شڪيل احمد ابڙو خطاب ڪندي چيو ته ايڇ پي وي سروائيڪل ڪينسر جي مهم کي ڪامياب ڪرڻ لاء ضلعي انتظاميا جي صحت کاتي سان مڪمل سهڪار رهندو، قومي ڪاز کي ڪامياب ڪرڻ لاء عوام اڳتي اچي،ڊائريڪٽر هيلٿ سروسز لاڙڪاڻو ڪئپٽن ڊاڪٽر نصرالله سومرو چيو ته هي ھڪ اھڙو وائرس آھي جنھن جي ڪري ھر سال تقريبن ٽي لک عورتون موت جو شڪار ٿي وڃن ٿيون، ھي وائرس عورت جي ٻچي داني ۾ ڪينسر جو سبب بڻجي ٿو، جيڪو پنجٽيھن سالن جي عمر تائين لاعلاج ٿي وڃي ٿو پوء ھي بيماري ان عورت ذريعي مرد ۾ منتقل ٿي وڃي ٿي ۽ جيڪو بي اولاد پيدا ٿئي ٿو ان ۾ پڻ بيماري ڦھلجي وڃي ٿي، ان بيماري کان بچاء لاء پوري پاڪستان ۾ 9 کان 14 سالن جي نياڻين کي ويڪسين ڪرائڻ تمام ضروري آھي ، جنهن جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، ڊي ايڇ او شڪارپور ڊاڪٽر نادر حسين پنهور سيمينار ۾ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ گورنمينٽ جي طرفان 15 سيپٽمبر کان 27 سيپٽمبر 2025 تائين عورتن ۾ سروائيڪل ڪينسر کان بچاءَ لاء مفت ايڇ پي وي ويڪسين جي مهم کي ڪامياب ڪرڻ لاء ضلعي ڀر ۾ انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن، هڪ لک کان مٿي 9 کان 14 سال تائين جي نياڻين کي 200 کان مٿي ٽيمون گهر گهر وڃي مفت ٽُڪو پڻ لڳائينديون، سيمينار ۾ ڊاڪٽر جهانگير شيخ، ڊاڪٽر سيد اطهر شاھ، ڊاڪٽر عبدالشڪور قريشي ۽ ٻين خطاب ڪيو، سيمينار ۾ وائيس چيئرمين وسيم الدين صديقي، پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ ڊسٽرڪٽ جنرل سيڪريٽري رضوانا شيخ روبينا عباسي، سلمه سمون، ڊاڪٽر غلام رسول بروهي، عبدالرحمان شر سميت ڊاڪٽرن، ليڊي هيلٿ ورڪر ۽ سياسي سماجي ورڪرن شرڪت ڪئي وئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
روهڙي: ڪارنهن تهمت مڙهي بيدردي سان قتل ڪيل ٻن ٻارن جي ماءُ گلان ڀارو جو ڪيس داخل
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: داؤد شورو ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ، روڊ۽ سيوريج جو نظام تباهه
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ اجلاس
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
مڪلي کان ٺٽو تائين غيرقانوني قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور
امتياز شيخ
hpv
ايڇ پي وي سروائيڪل ڪينسر
0 تبصرے