English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي تاريخي ضلعي ٺٽي ۾ تازين طوفاني برساتن وڏي تباهي مچائي ڇڏي
views
|
10th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو، مڪلي، گهارو، ساڪرو، ٻوهارا، گهوڙا باڙي، وِر، ڳاڙهو، غلام الله، ڪيٽي بندر، جهِرڪ، سونڊا ۽ ڪينجهر ڍنڍ جي چوڌاري درجنين علائقا پاڻي ۾ ٻڏي ويا
ٺٽو ( شفيق ڀٽي)سنڌ جي تاريخي ضلعي ٺٽي ۾ تازين طوفاني برساتن وڏي تباهي مچائي ڇڏي آهي۔ ڪيترن ڏينهن کان جاري برساتن کان پوءِ ضلعي جا شهر ۽ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، زندگي مڪمل طور مفلوج ٿي وئي آهي ۽ ماڻهو بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺ ويهڻ تي مجبور ٿي ويا آهن۔ ٺٽو، مڪلي، گهارو، ساڪرو، ٻوهارا، گهوڙا باڙي، وِر، ڳاڙهو، غلام الله، ڪيٽي بندر، جهِرڪ، سونڊا ۽ ڪينجهر ڍنڍ جي چوڌاري درجنين علائقا پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن۔ روڊ ۽ گھٽيون تلائن جو ڏيک ڏئي رهيون آهن، گٽرنالا پلٽجي پيا آهن ۽ صفائي جو ڪو به مؤثر بندوبست نظر نٿو اچي۔ واپاري مرڪز ۽ بازارون بند پيل آهن، روزانه اجرت تي ڪم ڪندڙ مزدور بيروزگار ٿي ويا آهن ۽ ڪيترن ئي خاندانن لاءِ ٻن وقتن جي ماني جو بندوبست به ڏکيو ٿي ويو آهي۔ برسات سبب سوين ڳوٺ شهرن سان زميني رابطي کان ڪٽجي ويا آهن۔ جهُمپير جا رهاڪو ٽن ڏينهن کان لڳاتار وڏن شھرن کان ڪٽيل آهن۔ اسڪولن ۽ اسپتالن تائين رسائي ڏکي بڻجي وئي آهي، جنهن ڪري شاگردن ۽ مريضن کي شديد تڪليفون پيش اچي رهيون آهن۔ چانور، مرچ ۽ ڀاڄين جا فصل پاڻي ۾ ٻڏي وڃڻ سبب سخت متاثر ٿيا آهن۔ آبادگارن ۽ زميندارن کي وڏو نقصان رسيو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي ڍورن جي مرڻ جون به خبرون مليون آھن. ضلعي ڪوھستاني پٽي سميت مختلف علائقن مان ڪچن ۽ پڪن گهرن جي ڊهي پٽ ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن۔ ڳوٺ صديق ملاح ۾ ٻن پورهيتن الھڏنو ۽ لطيف ملاح جا گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا۔ جهِرڪ ڀرسان خدابخش سولنگي جو پڪو گهر به ڊهي پيو۔ درگاهه ستيون لڳ خالو ميربحر ڳوٺ ۾ محمد يونس ميربحر ۽ شفيع محمد ميربحر جا گهر به ڊهي پٽ ٿي ويا۔ متاثر خاندان کليل آسمان هيٺ امداد جا منتظر آهن، جڏهن ته اڃا تائين وٽن ڪا به حڪومتي مدد نه پهتي آهي۔ ٻئي پاسي ٺٽي جي تاريخي شاھجهان جامع مسجد به برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي وئي آهي۔ ڀتين ۾ ڏار پئجي ويا آهن ۽ مسجد اندر پاڻي داخل ٿيڻ ڪري نمازين کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي۔ مقامي رهواسين ضلعي انتظاميا، پي ڊي ايم اي سنڌ، ريسڪيو 1122 ۽ سماجي تنظيمن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي نڪاسيءَ جو بندوبست ڪيو وڃي، ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪيون وڃن، راشن ۽ صاف پاڻي فراهم ڪيو وڃي ۽ بي گهر ماڻهن لاءِ عارضي رهائش جو انتظام ڪيو وڃي۔ ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن فوري قدم نه کنيا ويا ته جاني ۽ مالي نقصان ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو ۽ علائقي کي صحت جي سنگين بحران کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌ جي تاريخي ضلعي
ٺٽي ۾ تازين طوفاني برساتن
ٺٽو
0 تبصرے