English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ تعليم کاتي جو وڏو آپريشن، گھوسٽ استاد پڪڙجي ويا، 11 نوڪرين مان برطرف
views
|
11th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پرائمري سيڪشن جا 7 استاد ۽ سيڪنڊري جا 4 استاد مستقل طور تي نوڪري مان فارغ ڪيا ويا
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) تعليم کاتي عمرڪوٽ ۾ وڏو ڌماڪو ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن پرائمري ۽ سيڪنڊري وڏي ڪاروائيءَ ڪندي گھوسٽ استادن جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو، پرائمري سيڪشن جا 7 استاد ۽ سيڪنڊري جا 4 استاد مستقل طور تي نوڪري مان فارغ ڪيا ويا، ذريعن موجب برطرفي جا باضابطا نوٽيفڪيشن ڊي اي او پرائمري ۽ سيڪنڊري، ڊائريڪٽر جنرل ايم اينڊ اي ۽ ٻين عملدارن کي جاري ڪيا ويا آهن، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ملازم ڊيوٽيءَ تان غير حاضر رهيا ۽ 1973ع جي ڊسپلنري قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي بايو ميٽرڪ ذريعي غيرحاضري جي تصديق ٿيڻ بعد کين ڪيترائي ڀيرا شوڪاز نوٽيس ڏنا ويا، پر هو جواب ڏيڻ لاءِ پيش نه ٿي سگهيا، رائمري سيڪشن مان برطرف ٿيل استاد محمد رفيق، پريم ڪمار، منيش ڪمار، جيئه پال سنگهه، دليپ، زنيره فاطمه ۽ اسمه شامل آھن جڏھن تهسيڪنڊري سيڪشن مان برطرف ٿيل استادن ۾ ويڪانند، عبدالعزيز، صالح حسين ۽ حمامہ سهيل شامل آھن، ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن پرائمري ۽ سيڪنڊري چيو آهي ته ملازم غيرقانوني طور تي پگهارون ۽ مراعات وٺي رهيا هئا، تنهن ڪري کين نوڪري مان فارغ ڪيو ويو، تعليم کاتي ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ اهڙن گھوسٽ ملازمن خلاف سخت قدم کنيا ويندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
ghost teachers
0 تبصرے