English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پ پ مينارٽي ونگ سنڌ جي نائب صدر مکي اوڌامل پاران ملير جي مختلف علائقن جو دورو
66 views
|
10th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مکي اوڌامل ڇوٽا گيٽ وٽ ڪڇي ڪولھي ڳوٺ جو دورو ڪري ڪولھي برادري جي ماڻهن سان ملاقات ڪري مسئلا ٻڌا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پاڪستان پيپلزپارٽي مينارٽي ونگ سنڌ جي نائب صدر مکي اوڌامل، ملير مينارٽي اتحاد جي اڳواڻ سنتوش ڪمار ڀيل، رميش ڪمار اوڏ، مڪيش ڪمار مهيشوري، درشن لال، همير داس، گيان چند، رامچند، موهن لال، هوتو ڪڇي ۽ پپو مڪواڻي سان گڏجي گڏپ اپ ٽائون جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو۔ وفد ڇوٽا گيٽ لڳ ڪڇي ڪولھي ڳوٺ جو دورو ڪيو، جتي ڪولھي برادري جي ماڻهن سان ملاقات ڪري سندن مسئلا ٻڌا ۽ يقين ڏياريو ته پيپلزپارٽي اقليتي برادرين جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي ان کان پوءِ وفد گبول اسٽاپ پهتو جتي روڊ حادثي ۾ فوت ٿيندڙ منگلا مهيشوري جي تڏي تي پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ کين حوصلو ڏنو ان کان علاوه گلاب ڀيل ڳوٺ جي چار ماڻهن جي سيلابي ريلهي ۾ فوت ٿيڻ تي به سندن وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو مکي اوڌامل ۽ ساٿين ڪانجي ڀيل ڳوٺ ۾ واقع راما پير مندر ۾ حاضري ڀري ۽ آسي پاسي جي ڳوٺن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري علائقائي ۽ سماجي مسئلن تي ڳالهيون ڪيون۔ وفد پاران جلد ئي علائقي ۾ ميڊيڪل ڪيمپ لڳائڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو، جيئن غريب ۽ ضرورتمند ماڻهن کي علاج جون سهولتون فراهم ڪري سگهجن۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
15th Dec 2025
•
دنیا
مراکش میں طوفانی بارش اور سیلاب، مختلف حادثات میں 37 افراد جان سے گئے
15th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی حملہ: کسی بڑے انتہا پسند گروہ کے ملوث ہونے کے شواہد نہیں، آسٹریلوی وزیرِ اعظم
15th Dec 2025
•
تازہ ترین
وزارت کو جوتے کی نوک پر رکھتا ہوں، کراچی چلے گا تو پاکستان چلے گا: مصطفیٰ کمال
15th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور: پي ايس 9 تي ضمني چونڊ ۾ پ پ اميدوار آغا شهباز دراني ڪامياب قرار
15th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو پوليس جو جوا جي اڏي تي ڇاپو، 4 جواباز گرفتار
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
15th Dec 2025
•
دنیا
مراکش میں طوفانی بارش اور سیلاب، مختلف حادثات میں 37 افراد جان سے گئے
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
پ پ مينارٽي ونگ سنڌ جي
صدر مکي اوڌامل پاران ملير
0 تبصرے