English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ ڪڻڪ جي گھڻي مقدار ۾ پوکائي بابت آبادگارن کي ڄاڻ ڏيڻ لاء سيمينار منعقد
174 views
|
11th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪڻڪ جي پيداوار امڪان کان گهٽ آهي: عبدالصمد ابڙو ۽ ٻين جو خطاب
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ ڪڻڪ جي گھڻي مقدار ۾ پوکائي بابت آبادگارن کي ڄاڻ فراھم ڪرڻ لاء آگاھي سيمينار ڪوٺايو ويو، آبادگارن ۽ سماجي حلقن جي وڏي انگ ۾ شرڪت خبر موجب عمرڪوٽ ضلعي جي چئن ئي تعلقن ڪنري، سامارو، پٿورو ۽ عمرڪوٽ سان لاڳاپيل آبادگارن کي گھڻي مقدار ۽ اپت ۾ ڪڻڪ جي پوکائي ڪرڻ بابت جديد زرعي ڄاڻ فراھم ڪرڻ جي حوالي سان فاطمه فرٽيلائزر ڪمپني طرفان مقامي ھال ۾ سيمينار ڪوٺايو ويو جنھن ۾ فاطمه فرٽيلائزر ڪمپني جي ڊولپمينٽ مينيجر سنڌ بلوچستان عبدالصمد ابڙو، ٽيڪنيڪل سروسز آفيسر ميرپورخاص اياز محمود ۽ ڊسٽرڪٽ سيلز مينيجر ميرپورخاص ڪيلاش ڪمار، آبادگارن راڻا رميز، حاجي انور سومرو، حاجي ڪريم بخش چاچڙ، مختيار لاشاري سميت ضلعي جي مختلف علائقن جي ٻين آبادگارن شرڪت ڪئي جڏھن ته سيمينار دوران زرعي ماهرن خطاب ڪندي چيو ته عمرڪوٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪڻڪ جي پيداوار امڪان کان گهٽ آهي، جيڪا جديد زرعي طريقن، وقت سر آبپاشي ۽ معياري ڀاڻن جي استعمال سان وڌائي سگهجي ٿي ماهرن ٻڌايو ته سرسبز نائيٽروفاس، سرسبز ڪين ۽ پاڪ عرب ڪين جهڙيون ڀاڻون فصل جي غذائي ضرورتن کي پورو ڪن ٿيون ۽ انهن جي استعمال سان ڪڻڪ جي پيداوار ۾ 10 سيڪڙو کان وڌيڪَ واڌ ٿي سگهي ٿي سيمينار ۾ آبادگارن کي عملي ڄاڻ، فصل جي سنڀال بابت رهنمائي ۽ نئين زرعي ٽيڪنالاجي بابت تفصيل سان آگاهي ڏني ويئي، آبادگارن فاطمه فرٽيلائزر ڪمپني جي اهڙي ڪوشش کي ساراهيو ۽ چيو ته اهڙن سيمينارن سان نه رڳو ڄاڻ وڌندي، پر علائقي ۾ زرعي ترقي ۽ خوشحالي به ايندي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
ڪڻڪ جي گھڻي مقدار ۾ پوکائي بابت آبادگارن کي
0 تبصرے