English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڀرياروڊ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس چوڪي تي حملو، 2 اهلڪار شهيد, جنازي نماز ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ٻيا شريڪ
273 views
|
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
حملي ۾ جمعدار غلام حسين راڄپر ۽ سعيد سولنگي شهيد، هٿياربند سندن هٿيار به کڻي ويا
نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ضلعي جي ڀرياروڊ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس پڪٽ ٽيل شاخ تي نامعلوم هٿياربند پاران فائرنگ ڪري شهيد ڪيل ٻن پوليس اهلڪارن واري واقعي جو گهرو وزير ضياء الحسن لنجار نوٽيس وٺندي ايس ايس پي نوشھروفيروز کان واقعي بابت تفصيل طلب ڪري ورتو آهي جڏهن ته شهيد اهلڪارن جمعدار غلام حسين راڄپر ۽ اهلڪار سعيد سولنگي جي جنازي نماز پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ ادا ڪئي جنهن ۾ آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد فيصل بشير ميمڻ، ايس ايس پي نوشھروفيروز روحل خان کوسو ،ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين حاجي سهيل اختر عباسي سميت شهيد اهلڪارن جي وارثن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جنهن بعد شهيد اهلڪارن جا مڙهه اباڻي ڳوٺ روانا ڪيا ويا هوڏانهن آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پوليس اهلڪارن جي شهادت تي افسوس آهي پوليس جتي به ڪم ڪيو آهي اتي ضرور اهڙا واقعا ٿيندا رهندا آهن پر ڏوهاري کي عبرتناڪ سزا ڀوڳڻي پوندي ڪوشش آهي ته پوليس کي سهولتون فراهم ڪيون ته جيئن ڏوهاري ڪارروائين ۾ گهٽتائي اچي سگهي هن چيو ته شهيد اهلڪارن جي وارثن سان سان هن ڏک جي گهڙي ۾ برابر جا شريڪ آهيون جن جي اولاد کي ٻه ٻه نوڪريون ۽ سوا ٽي ڪروڙ جو پيڪيج ڏنو ويندو ۽ سڄي عمر پوري پگهار ڏني ويندي ضلعي اندر بدامني ۾ ڪافي گهٽتائي آئي آهي پر اڃان به ڏوهارين خلاف ڪارروائي جي ضرورت آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حملي ۾ جمعدار غلام حسين راڄپر ۽ سعيد سولنگي شهيد
نوشهروفيروز
ڀرياروڊ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس
0 تبصرے