English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي ڌرتيءَ جي سونهن ۽ ثقافت عورتن جي هٿن جي مهارت سان جڙيل آهي: راجوير سنگھ سوڍو
83 views
|
14th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ شيؤلوشن 2.0 ڪانفرنس منعقد، راجوير سنگھ سوڍو خاص مهمان طور شريڪ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) هُنرڪارن عورتن جي ترقي، بااختياري ۽ سندن دستڪاري کي قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي متعارف ڪرائڻ لاءِ شيؤلوشن 2.0 ڪانفرنس ۽ ايگزيبيشن هاسپيٽل ميرئيٽ ڪراچي ۾ شاندار نموني منعقد ڪئي ويئي، جنهن ۾ معزز راجوير سنگھ سوڍو، خاص معاون وزيراعليٰ سنڌ براءِ انساني حقون خاص مهمان طور شرڪت ڪري افتتاحي ۽ اهم خطاب ڪيو، هي ايونٽ وومين چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ڪورنگي، UNIDO، ۽ جرمني جي فيڊرل ريپبلڪ جي مشن جي گڏيل اهتمام هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان 17 هٿرادو نيٽ ورڪ ۽ عورت هُنرڪارن پنهنجا اسٽال لڳايا، تقريب ۾ صاحبزادي مَهين خان (باني ۽ چيئرمين WCCIK)، بدرالاسلام (قومي ڪوآرڊينيٽر UNIDO)، ۽ PAIDAR نيٽ ورڪ جا نمائندا پڻ موجود هئا، ان موقعي تي راجوير سنگھ سوڍو چيو ته سنڌ جي ثقافت عورتن جي هنر سان روشن آهي، سنڌ جي ڌرتيءَ جي سونهن ۽ ثقافت عورتن جي هٿن جي مهارت سان جڙيل آهي، هن خاص طور تي ذڪر ڪيو ته سنڌ جي مختلف علائقن جون عورتون شاندار ڪڙهائي، رلي، ۽ دستڪاري شيون تيار ڪن ٿيون، پر ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ جون عورتون پنهنجي رلي سازي، ڪڙهائي ۽ لوڪ فن جي ناياب مهارت سبب خاص سڃاڻپ رکن ٿيون، جيڪي وڌيڪ فروغ جي حقدار آهن، هن ٻڌايو ته چيئرمين پي پي پي بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تحت انساني حقن وارو کاتو پوري صوبه ۾ عورتن لاءِ ڪيترائي ADP اسڪيمون عورتن جي بااختياري لاءِ لاڳو ڪيون پيون وڃن، راجوير سنگھ سوڍو چيو ته حڪومت جو مقصد آهي ته سنڌ جي هر هُنرمند عورت کي اقتصادي سهڪار، تحفظ ۽ واڌاري جا مڪمل موقعا فراهم ڪيا وڃن، جيئن هوءَ پنهنجي هنر کي مارڪيٽ تبديليءَ ۾ آڻي سگهي، ڪانفرنس ۾ هُنرڪارن جي شاندار شيون ڏسي شرڪت ڪندڙن طرفان واکاڻ ڪئي وئي ۽ عورتن جي معاشي ڀلائي لاءِ وڌيڪ عملي قدم کڻڻ جو عهد ورجايو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي ۾ شيؤلوشن 2.0 ڪانفرنس
راجوير سنگھ سوڍو خاص
0 تبصرے