English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي ڌرتيءَ جي سونهن ۽ ثقافت عورتن جي هٿن جي مهارت سان جڙيل آهي: راجوير سنگھ سوڍو
288 views
|
14th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ شيؤلوشن 2.0 ڪانفرنس منعقد، راجوير سنگھ سوڍو خاص مهمان طور شريڪ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) هُنرڪارن عورتن جي ترقي، بااختياري ۽ سندن دستڪاري کي قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي متعارف ڪرائڻ لاءِ شيؤلوشن 2.0 ڪانفرنس ۽ ايگزيبيشن هاسپيٽل ميرئيٽ ڪراچي ۾ شاندار نموني منعقد ڪئي ويئي، جنهن ۾ معزز راجوير سنگھ سوڍو، خاص معاون وزيراعليٰ سنڌ براءِ انساني حقون خاص مهمان طور شرڪت ڪري افتتاحي ۽ اهم خطاب ڪيو، هي ايونٽ وومين چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ڪورنگي، UNIDO، ۽ جرمني جي فيڊرل ريپبلڪ جي مشن جي گڏيل اهتمام هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان 17 هٿرادو نيٽ ورڪ ۽ عورت هُنرڪارن پنهنجا اسٽال لڳايا، تقريب ۾ صاحبزادي مَهين خان (باني ۽ چيئرمين WCCIK)، بدرالاسلام (قومي ڪوآرڊينيٽر UNIDO)، ۽ PAIDAR نيٽ ورڪ جا نمائندا پڻ موجود هئا، ان موقعي تي راجوير سنگھ سوڍو چيو ته سنڌ جي ثقافت عورتن جي هنر سان روشن آهي، سنڌ جي ڌرتيءَ جي سونهن ۽ ثقافت عورتن جي هٿن جي مهارت سان جڙيل آهي، هن خاص طور تي ذڪر ڪيو ته سنڌ جي مختلف علائقن جون عورتون شاندار ڪڙهائي، رلي، ۽ دستڪاري شيون تيار ڪن ٿيون، پر ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ جون عورتون پنهنجي رلي سازي، ڪڙهائي ۽ لوڪ فن جي ناياب مهارت سبب خاص سڃاڻپ رکن ٿيون، جيڪي وڌيڪ فروغ جي حقدار آهن، هن ٻڌايو ته چيئرمين پي پي پي بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تحت انساني حقن وارو کاتو پوري صوبه ۾ عورتن لاءِ ڪيترائي ADP اسڪيمون عورتن جي بااختياري لاءِ لاڳو ڪيون پيون وڃن، راجوير سنگھ سوڍو چيو ته حڪومت جو مقصد آهي ته سنڌ جي هر هُنرمند عورت کي اقتصادي سهڪار، تحفظ ۽ واڌاري جا مڪمل موقعا فراهم ڪيا وڃن، جيئن هوءَ پنهنجي هنر کي مارڪيٽ تبديليءَ ۾ آڻي سگهي، ڪانفرنس ۾ هُنرڪارن جي شاندار شيون ڏسي شرڪت ڪندڙن طرفان واکاڻ ڪئي وئي ۽ عورتن جي معاشي ڀلائي لاءِ وڌيڪ عملي قدم کڻڻ جو عهد ورجايو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي ۾ شيؤلوشن 2.0 ڪانفرنس
راجوير سنگھ سوڍو خاص
0 تبصرے