English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اسٽيل ٽائون ۽ گلشن حديد ۾ پاڻي، بجلي، گئس ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ خلاف ڌرڻو جاري
88 views
|
16th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
پيپلز ليبر بيورو جي اڳواڻ ڌڻي بخش سمون جي اڳواڻي ۾ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي آفيس اڳيان ٽن مهينن کان ڌرڻو جاري
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) اسٽيل ٽائون ۽ گلشن حديد ۾ پاڻي، بجلي، گئس سميت ٻين بنيادي سهولتن جي حل لاءِ پيپلز ليبر بيورو جي اڳواڻ ڌڻي بخش سمون جي اڳواڻي ۾ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي آفيس اڳيان ٽن مهينن کان جاري ڌرڻي ۾، ملير جي سيٽ تان ڪامياب سنڌ بار ڪائونسل جي چونڊيل ميمبر ايڊووڪيٽ رياض ڀٽي پهچي مزدورن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.ان موقعي تي مير عباس ۽ رياض ڀٽي خطاب ڪندي چيو ته مزدورن ۽ علائقي واسين جا مسئلا سالن کان حل طلب آهن پر لاڳاپيل ادارا پنهنجون ذميواريون نڀائڻ بدران بي حسي اختيار ڪري ويٺا آهن. هنن چيو ته پاڻي، بجلي ۽ گئس جهڙيون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ رياستي ذميواري آهي، پر اسٽيل ٽائون ۽ گلشن حديد جا رهاڪو روزانو اذيتن مان گذري رهيا آهن هنن زور ڀريو ته جيڪڏهن مسئلا فوري طور حل نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ قانوني توڙي سياسي محاذ تي سخت قدم کنيا ويندا. رياض ڀٽي چيو ته سنڌ بار ڪائونسل جا چونڊيل ميمبر هر فورم تي مزدورن جو آواز بڻجي سندن حقن لاءِ جدوجهد ڪندا آخر ۾ ڌڻي بخش سمون ۽ ٻين اڳواڻن مطالبو ڪيو ته پاڻي، بجلي، گئس ۽ اسٽريٽ ڊپارٽمينٽ جي انتظامي نظام کي فوري بحال ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
دلچسپ اور عجیب
30 سال بعد مریض کے معدے سے لائٹر برآمد، ڈاکٹر بھی دنگ رہ گئے
14th Dec 2025
•
سندھ
شکارپور میں صوبائی اسمبلی کی نشست پر ضمنی الیکشن آج، کنٹرول رومز فعال
14th Dec 2025
•
پاکستان
فیلڈ مارشل کو بلاول کا اجرک و ٹوپی کا تحفہ، اسلام آباد کی سیاست میں نئی سرگوشیاں
12th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!
14th Dec 2025
•
دلچسپ اور عجیب
30 سال بعد مریض کے معدے سے لائٹر برآمد، ڈاکٹر بھی دنگ رہ گئے
14th Dec 2025
•
سندھ
شکارپور میں صوبائی اسمبلی کی نشست پر ضمنی الیکشن آج، کنٹرول رومز فعال
14th Dec 2025
•
پاکستان
فیلڈ مارشل کو بلاول کا اجرک و ٹوپی کا تحفہ، اسلام آباد کی سیاست میں نئی سرگوشیاں
12th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اسٽيل ٽائون ۽ گلشن حديد ۾ پاڻي
0 تبصرے