English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪڪڙ ويجهو شادي تقريب دوران فائرنگ ۾ گهوٽ جي چاچي مارجي وئي، نينگري زخمي، خوشيون ماتم ۾ تبديل
203 views
|
20th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
13ورهين جي ياسر ڀٽو جي فائرنگ ۾ گولي لڳڻ سبب 40ورهين جي حسينا زال محمد حسين ڀٽو مارجي وئي
ڪڪڙ ويجهو ڳوٺ ٻيلو پتڻ ۾ گهوٽ علي گل ڀٽو جي شادي جي تقريب جي ميندي دوران خوشي ۾ ڪيل فائرنگ دوران ھڪ عورت مارجي وئي ۽ نينگري سخت زخمي ٿي پئي واقعي کانپوء خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون ڌرين جي وارثن پاران پاڻ ۾ عزيز ھئڻ ڪري واقعي کي اتفاقي قرار ڏئي ڇڏيو آھي نينگر شاگرد ياسر ڀٽو جي خوشي مان ڪيل هوائي فائرنگ سبب گولي لڳڻ ڪري گهوٽ جي چاچي 40 سالن هي عورت مسمات حسينا زال محمد محمد حسين ڀٽو مارجي وئي ، جڏهن ته فائرنگ سبب 12 سالن جي نينگري مسڪان ڀٽو پڻ زخمي ٿي پئي ، مارجي ويل عورت جي مڙس محمد حسين ڀٽو چيو ته خوشي مان منهنجي ڀائيٽي ياسر ڀٽو پاران فائرنگ ڪئي ، جنهن سبب اتفاقي گولي لڳڻ سبب منهنجي گهر واري فوت ٿي آهي ، واقعو اتفاقي قرار آهي ، ٻئي طرف قربان ڀٽو چيو ته گهر ۾ شادي تقريب هئي منهنجو معصوم 13 سالن جو پُٽَ شاگرد ياسر ڀٽو اوچتي ڪيل خوشي ۾ فائرنگ ڪئي جنهن سبب گولي لڳڻ ڪري منهنجي ڀاڄائي فوت ٿي وئي ، فائرنگ ڪندڙ پُٽَ ياسر پڻ رات کان غائب آهي ، واقعو اتفاقي آهي اسين پاڻ ۾ ويجھا عزيز رشتيدار آھيون هوڏانهن ميندي تقريب ۾ فائرنگ سبب عورتن ۽ مردن ۾ ڪيھاٽ پئجي ويا عورت جي فوتگي ۽ نينگري جي زخمي ٿيڻ بعد شاديءَ جون سڀئي تياريون ۽ رسمون فوري طور ملتوي ڪري خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون ۽ خوشيءَ سان ڀريل ماحول سوڳوار ڇائنجي ويو آهي. گهر ڀاتين ۽ علائقي وارن ۾ سوڳوار فضا برقرار آهي ، هوڏانهن ڪڪڙ پوليس واقعي واري ھنڌ پهچي فوتي عورت جو لاش ضروري ڪاروائين لاءِ تعلقا اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي واقعي جو اڃا تائين ڪيس داخل ن ٿي سگھيو آھي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ڀرسان باھ متاثر خاندانن جي مالي سهائتا
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، ھڪ ڄڻو گرفتار، چرس هٿ
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ شيخ برادري جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاج
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معرڪه حق جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
فائرنگ ۾ گهوٽ جي چاچي مارجي وئي
ڪڪڙ ويجهو شادي تقريب دوران فائرنگ
ڪڪڙ
0 تبصرے