English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي عمرڪوٽ جي صدارت هيٺ ايجوڪيشن جي ضلعي اوورسائيٽ ڪميٽي جو اجلاس
334 views
|
20th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ضلعي سطح تي مانيٽرنگ کي وڌيڪ موثر بڻائي خامين جو بروقت خاتمو يقيني بڻايو وڃي: نويد الرحمان لاڙڪ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويدالرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ايجوڪيشن جي ضلعي اوورسائيٽ ڪميٽي جو اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي دربار هال ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ضلعي جي تعليمي معاملن، اسڪولن جي موجوده صورتحال، مانيٽرنگ رپورٽن ۽ بهتري لاءِ تجويز ڪيل قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو۔ ان موقعي تي اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جاويد احمد ڏاهري، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو سنجي ڪمار ترڪيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، اسسٽنٽ ڪمشنر پٿورو غلام علي طارق، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري مير حسن آريسر، پرائمري عنايت الله ڪنڀر، چيف مانيٽرنگ اينڊ ايوليئيشن آفيسر، ايڪسئين ايجوڪيشن ورڪس عمرڪوٽ وِشال داس، ڊسٽرڪٽ آفيسر آر ايس يو عمرڪوٽ، اڪائونٽ آفيسر عمرڪوٽ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي۔ ڊپٽي ڪمشنر نويدالرحمان لاڙڪ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته تعليم ڪنهن به معاشري جي ترقي جو بنيادي ستون آهي، تنهن ڪري ضلع عمرڪوٽ جي سمورن اسڪولن ۾ معياري تعليم، شاگردن جي حاضري، استادن جي ڪارڪردگي ۽ تدريسي ماحول جي بهتري پهرين ترجيح آهي۔ هن چيو ته ضلعي سطح تي مانيٽرنگ کي وڌيڪ موثر بڻائي خامين جو بروقت خاتمو يقيني بڻايو وڃي۔ اجلاس دوران ضلعي ايجوڪيشن آفيسرن تفصيلي بريفنگ پيش ڪئي، جنهن ۾ انرولمينٽ، غير حاضر استاد، تدريسي معيار، اسڪولن جون انسپيڪشن رپورٽون، غير فعال يا جزوي فعال اسڪول، مرمتي ڪم، ايس ايم سي فنڊز جي استعمال ۽ موجوده انتظامي صورتحال بابت آگاهي ڏني وئي۔ ان موقعي تي فيصلو ڪيو ويو ته ضلعي جي سمورن اسڪولن جي باقاعده مانيٽرنگ ۽ ماهوار رپورٽ ضلعي اوورسائيٽ ڪميٽي ۾ پيش ڪئي ويندي۔ استادن ۽ شاگردن جي حاضري کي بهتر بڻائڻ لاءِ بائيوميٽرڪ سسٽم جي مڪمل فعاليتي يقيني بڻائي ويندي۔ ڊپٽي ڪمشنر نويدالرحمان لاڙڪ سخت هدايتون ڏيندي چيو ته جيڪي استاد غير حاضر آهن، انهن خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو وڃي۔ هن چيو ته جن اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي، تن لاءِ فوري اسيسمينٽ رپورٽ تيار ڪري فنڊز جي فراهمي لاءِ سفارشون موڪليون وڃن۔ سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ايس ايم سي فنڊز جي شفاف ۽ موثر استعمال کي يقيني بڻايو وڃي ۽ غير فعال يا گهٽ انرولمينٽ وارن اسڪولن لاءِ خاص ايڪشن پلان تيار ڪيو وڃي۔ ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ وڌيڪ چيو ته تعليمي نظام ۾ بهتري لاءِ سڀني کاتن جي گڏيل ڪوششون ضروري آهن۔ هن هدايت ڪئي ته سڀئي آفيسر مقرر وقت اندر پنهنجون رپورٽون ۽ سفارشون جمع ڪرائن، جيئن ضلعي ۾ تعليم جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Aug 2026
•
پاکستان
پاکستان انجینئرنگ کونسل کا تاریخی سنگِ میل، نیشنل ڈیفنس یونیورسٹی میں چارٹرڈ پراجیکٹ ڈائریکٹرز کے پہلے بیچ کی پاسنگ آؤٹ تقریب
17th Aug 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن پاکستان کے مرکزی رہنمائوں کی کراچی میں ملاقات
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
19th Aug 2026
•
پاکستان
پاکستان انجینئرنگ کونسل کا تاریخی سنگِ میل، نیشنل ڈیفنس یونیورسٹی میں چارٹرڈ پراجیکٹ ڈائریکٹرز کے پہلے بیچ کی پاسنگ آؤٹ تقریب
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
غلامﷲ ۾ پوليو ورڪرن پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي شيخ محلي ۾ نوجوان مبينا آپگھات ڪري ڇڏيو
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ موبائل نيٽ ورڪ جي بدترين صورتحال، صارفين پريشان، ڪارروائي جو مطالبو.
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نويد الرحمان لاڙڪ
عمرڪوٽ
0 تبصرے