English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: اسٽيل ٽائون جي يو سي چيئرمين رضا جتوئي جي گهر مان 40 لک کان وڌيڪ جي چوري
251 views
|
21st Nov 2025
•
سنڌي خبرون
گهرڀاتين جي غيرموجودگي ۾ جوابدار گهر مان 40 لک رپريا روڪ، سونا زيور ۽ ٻيو سامان کڻي ويا: متاثر
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) يو سي اسٽيل ٽائون جي چيئرمين رضا جتوئي جي گهر ۾ ڌاڙي جي واردات ان وقت پيش آئي جڏھن هو ۽ سندس گهروارا گهر ۾ موجود نه هئا۔ نامعلوم هٿياربند ماڻهو گهر جي پوئين حصي مان اندر گهڙي لکين رپين جي روڪ رقم، سون ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا مليل ڄاڻ موجب رضا جتوئي ۽ سندس فيملي ڪنهن ڪم سلسلي ۾ گهر کان ٻاهر ويا هئا، جنهن دوران سج لهڻ شرط نامعلوم چور گهر جي عقبي ديوار ٽپي اندر داخل ٿيا ۽ سمورو گهر ڇنڊي 40 لک رپيا نقد، سونا زيور ۽ ٻي قيمتي شيون گڏ ڪري فرار ٿي ويا واردات جي خبر تڏهن پئي جڏهن گهروارا واپس گهر پهتا ته ڪمرا ٽٽل تالن سان، سامان اڇلايل حالت ۾ مليو۔ واقعي جي فوري اطلاع پوليس کي ڏني وئي، جنهن پهچي جڳهه جو جائزو ورتو ۽ فنگر پرنٽس سميت اهم شاهديون گڏ ڪيون۔ پوليس جو چوڻ آهي ته لڳي ٿو واردات ڪنهن منظم ٽولي طرفان ڪئي وئي آهي، جيڪا گهڻي وقت کان گهر جي نگراني ڪري رهي هئي۔ علائقي ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي فوٽيج حاصل ڪرڻ جو عمل پڻ جاري آهي، جيئن جوابدارن جي سڃاڻپ ممڪن بڻجي سگهي چيئرمين رضا جتوئي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته واردات ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري لٽيل سامان برآمد ڪيو وڃي، ڇو ته علائقي ۾ وڌندڙ ڏوهاري ڪاررواين سبب رهواسين ۾ سخت خوف ۽ بي چيني پيدا ٿي وئي آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
روهڙي: ڪارنهن تهمت مڙهي بيدردي سان قتل ڪيل ٻن ٻارن جي ماءُ گلان ڀارو جو ڪيس داخل
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: داؤد شورو ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ، روڊ۽ سيوريج جو نظام تباهه
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ اجلاس
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
مڪلي کان ٺٽو تائين غيرقانوني قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: اسٽيل ٽائون جي يو سي چيئرمين رضا جتوئي
0 تبصرے