English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي عمرڪوٽ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اهم اجلاس
308 views
|
27th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
سرڪاري اسڪيمَن جي پيش رفت ۽ ضلعي سطح تي حڪومتي هدايتن جي عملدرآمد تي تفصيلي جائزو ورتو ويو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمن لاڙڪ جي صدارت هيٺ فيڊرل ايپيڪس ڪميٽي ۽ صوبائي ايپيڪس ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد بابت قائم ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي دربار هال ۾ منعقد ٿيو، اجلاس دوران ضلع ۾ امن و امان، سرڪاري کاتن جي ڪارڪردگي، سيڪيورٽي قدمن، جاري سرڪاري اسڪيمَن جي پيش رفت ۽ ضلعي سطح تي حڪومتي هدايتن جي عملدرآمد تي تفصيلي جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ پاڪستان آرمي جي ميجر شرجيل، ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو عمران آرائين، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو سنجي ڪمار ترڪيو، اسسٽنٽ ڪمشنر پٿورو غلام علي طارق، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر نور محمد شيخ، ڊپٽي ڊائريڪٽر وومين ڊولپمينٽ محمد شاهد راجپوت، ايڪسي اين حيسڪو علي رضا ڀٽي، ايڊيشنل ڊائريڪٽر زراعت عبدالغني عارباڻي، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ هرش چندر، ايڪسائيز انسپيڪٽر شمير خان، حساس ادارن، آءِ بي، ايم آءِ، آءِ ايس آءِ، سي ٽي ڊي، اسپيشل برانچ، فوڊ کاتو، اطلاعات کاتو، ميونسپل ڪميٽي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا عملدار ۽ آفيسر موجود هئا، ان موقعي تي لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن پنهنجي پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽون پيش ڪيون، جڏهن ته ايپيڪس ڪميٽي جي هدايتن موجب ضلع ۾ سيڪيورٽي کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ، غيرقانوني سرگرمين جي روڪٿام، اسنيپ چيڪنگ ۾ اضافو ڪرڻ ۽ اهم هنڌن تي پوليس ۽ رينجرز جي گڏيل نگراني کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمن لاڙڪ اجلاس کي هدايت ڪندي چيو ته وفاقي ۽ صوبائي ايپيڪس ڪميٽي جي فيصلن تي 100 سيڪڙو عملدرآمد ضلعي انتظاميه جي پهرين ترجيح آهي، ھن چيو ته سڀئي کاتا باهمي رابطو مضبوط ڪن، ڪنهن به دير يا شڪايت جي صورت ۾ فوري قدم کنيا وڃن، هن واضح ڪيو ته امن امان ۽ عوامي خدمتن بابت ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته ضلع ۾ جاري ترقياتي اسڪيمَن کي ٽائيم فريم اندر مڪمل ڪيو وڃي، سرڪاري آفيسن ۾ عوامي سهولتن کي اوليت ڏني وڃي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڏوهن ۽ غيرقانوني هٿيارن خلاف سخت ڪارروائي جاري رکن، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سڀني اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته دڪاندار برادري سان گڏجاڻيون ڪري کين پنهنجي منڊي/مارڪيٽن ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرا لڳائڻ لاءِ پابند ڪيو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته ضلعي جي سڀني شهرن ۾ اينٽي اينڪروچمينٽ مهم هلائي وڃي ۽ سرڪاري زمينن تي ٿيل قبضا فوري ختم ڪرايا وڃن ۽ رپورٽ فراهم ڪئي وڃي، هن اهو پڻ چيو ته جيڪي به غيرقانوني پيٽرول پمپ قائم آهن، تن کي فوري طور تي سيل ڪيو وڃي، آخر ۾ ڊپٽي ڪمشنر سڀني کاتن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتي پاليسين جي موثر عملدرآمد لاءِ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جا اجلاس باقاعدي طور جاري رکيا ويندا ۽ ايندڙ اجلاس ۾ تفصيلي پيش رفت رپورٽ پيش ڪئي ويندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اهم اجلاس
0 تبصرے