English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ڀينس ڪالوني ۾ فائرنگ، ڦر واردات دوران 2ڄڻا مرڻينگ
310 views
|
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
هٿياربند ڦورن مزاحمت تي فائرنگ ڪري اسلام ولد عباس ۽ بدر ولد عباس کي زخمي ڪيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڀينس ڪالوني روڊ نمبر 05، جناح ايونيو اسڪول جي ويجهو ڦر جي واردات دوران فائرنگ سبب ٻه ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن هٿياربند ڦورن مزاحمت تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ اسلام ولد عباس، عمر تقريباً 30 سال، ۽ بدر ولد عباس، عمر 25 سال گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور تي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. اسپتال ذريعن موجب هڪ زخمي کي گولي ڪنڌ ۾ لڳي آهي، جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي عيني شاهدن موجب ڦورو موٽرسائيڪل تي سوار هئا ۽ واردات کان پوءِ فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. واقعو ٿيڻ کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکيڙجي ويو ۽ ڪاروباري سرگرميون پڻ متاثر ٿي ويون آهن. اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي ملير ۽ سڪڻ پوليس واقعي واري هنڌ تي پهچي زخمين کي اسپتال منتقل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ابتدائي ثبوت گڏ ڪري قانوني ڪارروائي شروع ڪئي. پوليس موجب ويجهڙائي ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي فوٽيج حاصل ڪئي پئي وڃي ته جيئن ڏوهارين جو پتو لڳائي سگهجي علائقي جي رهواسين ڀينس ڪالوني ۾ وڌندڙ ڏوهن جي وارداتن تي شديد تشويش جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته پوليس گشت وڌائي ۽ شهري تحفظ کي يقيني بڻائي، ڇو ته حالتون مسلسل خراب ٿينديون پيون وڃن. پوليس موجب ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ ٽيمون ٺاهيون ويون آهن ۽ جلد اهم پيش رفت جي توقع آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ

Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: ڀينس ڪالوني ۾ فائرنگ
0 تبصرے