English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون کي پاڻي جي فراهمي بند، رهواسي سراپا احتجاج
40 views
|
23rd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
پاڻي جي بندش خلاف سوين اسڪولي ٻارڙا روڊن تي نڪري آيا، سياسي سماجي ڌرين ۽ شهرين جي به شرڪت
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون ۾ چئن مهينن کان پيئڻ جي پاڻيءَ جي بندش خلاف سوين اسڪولي ٻارن روڊن تي نڪري احتجاجي مارچ ڪندي ڌرڻو هنيو هنن سان علائقي جا سياسي سماجي اڳواڻ عمیر شاھد، سید جاوید علی شاہ، اسلم منگی ۽ ایڊوڪيٽ محبوب محمد کوسو به گڏ هئا احتجاج دوران شاگردن پاران پاڻي ڏيو، پاڻي ڏيوگلشن حديد بڻجي ويئي ڪربلا جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا جنهن سبب علائقي جو ماحول جذباتي بڻجي ويو۔ شاگردن جو چوڻ هو ته اسٽيل مل انتظاميا گذريل چار مهينن کان گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون کي پاڻيءَ جي فراهمي بند ڪري ڇڏي آهي، جنهن ڪري اسڪولن، گهرن، مسجدن ۽ مارڪيٽن ۾ پاڻي ناياب ٿي ويو آهي احتجاج ڪندڙن مطابق پاڻي جي کوٽ سبب تعليمي سرگرميون متاثر ٿي رهيون آهن ۽ شاگرد روزانو وڏي ڏکيائيءَ کي منهن ڏئي رهيا آهن۔ شاگردن اهو به ٻڌايو ته گذريل هڪ سال کان اسٽيل ٽائون ۾ گيس جي فراهمي پڻ بند آهي، جنهن ڪري علائقو بنيادي سهولتن کان محروم ٿي ويو آهي۔احتجاج ڪندڙ شاگردن اسٽيل مل انتظاميا، صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کي فوري طور مسئلو حل ڪرڻ جي اپيل ڪئي، چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن پيئڻ جي پاڻيءَ جو بحران ختم نه ڪيو ويو ته جلد ئي هزارين شاگرد قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻندا۔شاگردن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اهي تعليم سان گڏ پنهنجي بنيادي حقن لاءِ به جدوجهد جاري رکندا، جيستائين علائقي ۾ پاڻي ۽ گيس جي فراهمي بحال نه ڪئي ويندي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
رزاق آباد ۾ گندگيءَ جا ڍير، انتظاميه صرف فوٽو شوٽ تائين محدود
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي جي ڳوٺ ناريجا واسي شخص جو ناٺي جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي واسڻ سماجي اڳواڻ ناري جو امڙ سميت احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
)گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون
0 تبصرے