English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊپٽي ڪمشنر نويدالرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اجلاس, عمرڪوٽ ۾ جاري “ممتا پروگرام” بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي
266 views
|
23rd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
پروگرام جي اڳڀرائي، ڪارڪردگي، مسئلن ۽ حڪمت عملي تي به تفصيلي غور
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر ۽ چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي براءِ سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي عمرڪوٽ نويدالرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي درٻار هال ۾ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، ان موقعي تي ضلعي ڪوآرڊينيٽر سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي عمرڪوٽ ميڊم خديجه قبره ضلعي عمرڪوٽ ۾ جاري “ممتا پروگرام” بابت اجلاس کي تفصيلي بريفنگ ڏني، هن ٻڌايو ته هي پروگرام ماءُ ۽ ٻار جي صحت، خوراڪ ۽ مالي سهائتا لاءِ حڪومت سنڌ ۽ ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان شروع ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد ضلعي جي مستحق عورتن تائين بهتر سهولتون پهچائڻ آهي، اجلاس ۾ پروگرام جي اڳڀرائي، ڪارڪردگي، درپيش مسئلن ۽ ايندڙ حڪمت عملي تي به تفصيلي غور ڪيو ويو، ان موقعي تي ميڊم خديجه قبره ٻڌايو ته هن وقت تائين 65366 بينيفشريز رجسٽر ٿي چڪيون آهن، جن مان گذريل مهيني 13044 عورتن جي ڪمپلائنس ٿي آهي، جڏهن ته ضلعي ۾ هن وقت 51 سينٽر ڪم ڪري رهيا آهن، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نويدالرحمان لاڙڪ اجلاس ۾ هدايت ڪئي ته ممتا پروگرام تحت وڌيڪ کان وڌيڪ مستحق عورتن تائين سهولتون پهچائڻ لاءِ قدم تيز ڪيا وڃن ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي، هن چيو ته سماجي تحفظ جا اهي منصوبا عوامي ڀلائي لاءِ انتهائي اهم آهن، ۽ انهن جي ڪاميابي صرف ضلعي سطح تي مؤثر عملدرآمد سان ممڪن آهي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته صوبائي ايميونائيزيشن پروگرام جو ڊيٽا ممتا پروگرام سان شيئر ڪيو وڃي، جيئن پروگرام کي وڌيڪ مؤثر بڻائي سگهجي، ان موقعي تي اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو عمران، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو ۽ پتھورو سنجي ڪمار ترڪيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪول خان محمد، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر لڇمن داس، ايم ايس سول اسپتال عمرڪوٽ ڊاڪٽر فريد احمد، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر نور محمد شيخ، ضلعي اطلاعت آفيسر محمد اسلم ڀٽي، ضلعي فوڪل پرسن اي پي آءِ ڊاڪٽر شير مھر، ضلعي فوڪل پرسن پوليو ڊاڪٽر وجي ڪمار، ڊي ايم پي پي ايڇ آءِ شرف الدين ميمڻ، ۽ مختلف شعبن جا آفيسر، سماجي تحفظ ڪاميٽي جا ميمبر ۽ نمائندا پڻ موجود هئا۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊپٽي ڪمشنر نويدالرحمان لاڙڪ
0 تبصرے