English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ ڪشمير تي ڀارتي قبضي خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، احتجاجي ريلي
146 views
|
27th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ضلعي انتظاميه استادن شاگردن ۽ شھرين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ڀارت خلاف نعريبازي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ضلعي انتظاميه عمرڪوٽ پاران 27 آڪٽوبر کي يومِ سياه طور ملهائيندي قبضي هيٺ ڪشمير جي مظلوم عوام سان اظهارِ يڪجهتي لاءِ هڪ وڏي واڪ ريلي جو اهتمام ڪيو ويو، ريلي جي اڳواڻي اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو ڪئي، جڏهن ته ريلي ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ کان شروع ٿي ۽ پريس ڪلب عمرڪوٽ تي پهچي اختتام پذير ٿي، ان موقعي تي ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جي پرنسپل پروفيسر عبدالروف سومرو، استادن ۽ شاگردن، گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول نمبر ون عمرڪوٽ جي پرنسپل دليپ ڪمار، شاگردن، ٻين تعليمي ادارن جي استادن گوتم سنگراسي، آغا شهباز، مختلف اسڪولن جي شاگردن، سماجي تنظيمَن جي نمائندن مير حسن آريسر، مولانا عبدالقادر جمالي، پريس ڪلب عمرڪوٽ جي مينيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين رسول بخش رحيمداڻي، معزز شهرين ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري ڪشميري عوام سان اظهارِ يڪجهتي ڪئي، ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ بينرز، پلي ڪارڊ هئا ۽ ڪشمير جي حق ۾ نعرا پڻ لڳايا پئي ويا، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو ۽ ٻين مقررین ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته 27 آڪٽوبر تاريخ جو سياه ترين ڏينهن آهي، جڏهن ڀارتي فوجن غيرقانوني طور ڪشمير تي قبضو ڪيو، هنن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشميرين جي حقِ خوداراديت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ان موقعي تي مقررین واضح ڪيو ته پاڪستاني قوم ۽ عمرڪوٽ جا شهري هر فورم تي ڪشميري عوام جي حق ۾ آواز اٿاريندا رهندا ۽ سندن آزاديءَ واري جدوجهد تائين مڪمل ساٿ ڏيندا، ريلي جي آخر ۾ ڪشمير جي آزادي ۽ ڀارتي ظلم جي خاتمي لاءِ خاص دعا پڻ ڪئي وئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
0 تبصرے