شڪارپور ۾ ڪشمير تي ڀارتي قبضي ۽ ڪشميرين تي ظلم خلاف احتجاجي ريلي

پاڪستان ڪشميري عوام جي خوداراديت جي هميشه حمايت جاري رکندو: شڪيل احمد ابڙو

شڪارپور ۾ ڪشمير تي ڀارتي قبضي ۽ ڪشميرين تي ظلم خلاف احتجاجي ريلي

شڪارپور (احسان ابڙو) 27 آڪٽوبر ڪشمير تي ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي خلاف ضلعي انتظاميا شڪارپور پاران ڪارو ڏينهن ملهايو ويو ۽ ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور کان سٽي گيٽ شڪارپور تائين ريلي ڪڍي وئي ڪشمير تي صرف ڪشميرين جو حق آهي پاڪستان ڪشميري عوام جي خوداراديت جي هميشه حمايت جاري رکندو. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ڪشمير تي ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي خلاف ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور کان سٽي گيٽ شڪارپور تائين ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر خانپور اياز احمد مشوري، روينيو آفيسرن جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر شڪارپور تحسين خان جتوئي، ڊي آئي بي انچارج شاهجهان شاه، ڊي او سيڪنڊري اسڪول ايجوڪيشن محمد شاھ، ڊسٽرڪٽ پرائمري اسڪول ايجوڪيشن، پرنسيپال هائير سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور، پاپوليشن ڊپارٽمينٽ جي آفسيرن، ڪاليج جي شاگردن، ليڊي هيلٿ ورڪرن، ۽ سول سوسائٽي جي ماڻھن وڏي تعداد ۾ ريلي ۾ شرڪت ڪئي. ريليءَ ۾ ڀارت خلاف، ڪشميرَ ۽ ڪشميرين جي حق ۾ اُڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا. ريليءَ ۾ ضلعي جي مختلف کاتن جي آفيسرن عملدارن شهر جي سول سوسائٽي، سماجي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ريليءَ سان خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته ڪشمير تي صرف ڪشميرين جو حق آهي پاڪستان ڪشميري عوام جي خوداراديت جي هميشه حمايت جاري رکندو. ريليءَ سان خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪارپور چيو ته 27 آڪٽوبر ڪشمير جي تاريخ ۾ ڪارو ڏينهن آهي. ڀارت جي آئين جي آرٽيڪل 370 موجب جيڪا ڪشمير کي خصوصي حيثيت ڏني وئي هئي. انهن کي هنن ختم ڪيو. ڪشمير کي اقوام متحده جي قراردادن تحت حل ڪيو وڃي ۽ ڪشميري ماڻهن کي انهن جي مرضيءَ جي تحت انهن کي حق ڏنو وڃي، جيڪو ڪيترن سالن ۾ اهو حق نه ڏئي سگهيا آهن. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيو ته هي معاملو تمام هڪڙي سنجيده نوعيت جو آهي. اسان گهر ٿا ڪيون ته ڪشمير جو مسئلو اقوام متحده جي قراردادن تحت حل ڪيو وڃي. ان موقعي تي ريليءَ سان خطاب ڪندي ٻين کاتن جي آفيسرن چيو ته اسان گهر ٿا ڪيون ته ڪشمير جي خصوصي حيثيت بحال ڪئي وڃي ۽ انهن کي اقوام متحده جي قراردادن تحت حق خوداراديت ڏنو وڃي.