ڏوڪري)اطهر ميمڻ) ڪشميرين جي استحصال ۽ مٿن ڀارتي ظلم خلاف گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ريليءَ جي اڳواڻي اسسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري فرزانه ميراڻي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ راشد الرحمان جوڻيجو، اسٽنٽ مختيار ڪار قاضي امجد بشير، ٽي اِي او ايليمينٽري، سيڪنڊري ۽ ھاير سيڪنڊري (ميل) غلام مصطفٰي کوکر، ھيڊماستر نثار احمد سولنگي ۽ گسٽا تعلقي ڏوڪريءَ جي صدر علي پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي. ريلي ۾ استادن، شاگردن توڙي مختلف کاتن جي ملازمن هٿن ۾ پينافليڪس ۽ پاڪستان توڙي ڪشمير جا جهنڊا کڻي گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي. جنهن دوران هو ڪشميرين سان ڀارتي ظلم ۽ استحصال خلاف سخت نعريبازي ڪري رھيا ھئا. ان سان گڏوگڏ ھو،”ڪشير بني گا پاڪستان“ ۽ ”پاڪ فوج زنده آباد“ جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا پڻ هڻي رهيا هئا، جڏهن ته ايڪو سائونڊ تي ملي نغما ۽ ڪشمير جا گيت پڻ ريليءَ دوران گونجندا رهيا. ريليءَ ۾ محترم محمد ياسين ڪنڀر، طفيل احمد سوھو، غلام نبي جوڻيجو، محمد حيات سومرو، عقيل احمد جوڻيجو، اقبال علي جوڻيجو، مظهرالدين سومرو، محمد وريل جوڻيجو، احمد علي سومرو، سنجيت لال، آغا نويد اختر سميجو، ساجد حسين چنو، اعجاز علي ميمڻ، عبدالجبار ساريو، اعجاز علي سوهو، اعجاز علي ساريو، شڪيل احمد موريو، رحمت ﷲ موريو، الطاف حسين ٻٽ، درپن لال، واجد علي ابڙو، عبدالمنعم چنو، عامر حسین ميراڻي، نور حسین زھراڻي، محمد علي ميمڻ، طارق علي ساريو، فيروز احمد ڀاڳت، سجاد علي چنو، عبدالعلي سولنگي، عبدالسلام سومرو، سجاد حسين سومرو، صداقت علي چنو، طارق علي ابڙو، مصور حسين سمون، افتخار علي جوڻيجو، مظهر حسين چنو، مقصود رمضان عباسي، آڪاش ڪمار، افتخار علي جوڻيجو، اظھر حسين چنو، علي حسن سوھو، افضل علي گاڏھي، محترم عبدالقدير ميمڻ، صفيع ﷲ ڍڪڻ، زين العابدين سومرو، عبدالحفيظ پيرزادو، سرواڻ خان ھليو، عبداللطيف پيرزادو، ونيش ڪمار، صدام حسین مڱريو، منور علي سولنگي، روي ڪمار، ڪاشف علي راڄپر، اڀيشيڪ دوداني، راحب علي سولنگي، عامر حسين سومرو، ساگر ڪمار ۽ عبدالسميع ميراڻي. جڏهن ته روينيو کاتي پاران اسسٽنٽ مختيارڪار محترم ڪامران ضمير منگي، امجد علي قاضي، منير احمد ميمڻ، لوڪل گورنمينٽ کاتي پاران فياض سڪندر ڀان، يوسي سيڪريٽري امتياز احمد سولنگي، اخلاق احمد سوھو، فھيم احمد قريشي، علي اڪبر سيال، معروف علي سولنگي، عبدالستار مگسي طالب حسين آريجو ۽ ٻياشريڪ هئا.پرائمري استادن مان قاضي برڪت ﷲ جوڻيجو، محمد يوسف چنو، محمد رستم گاڏھي ۽ ٻيا شامل هئا. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري فرزانه ميراڻي، ھيڊماستر نثار احمد سولنگي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، ”ڀارتي فوج ڪشمير ۾ بي گناهه مسلمانن جو قتل عام ڪري رهي آهي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي.“هنن وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن جي ٺاهه تحت ڪشميرين کي سندس راءِ جي اظهار جو حق ڏنو وڃي ۽ فوري طور تي ڪشمير جي شناخت بحال ڪري مظلوم ڪشميرين جو استحصال ۽ مٿن ظلم بند ڪيو وڃي. اڳواڻن چيو ته ٻاويهه ڪروڙ پاڪستاني پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهن. هنن جو ڌيڪ چوڻ هو ته، ”ڪشمير کي اسين پاڪستان جي شهه رڳ سمجهون ٿا، تنهن ڪري اسان هر فورم تي ڪشميري ڀائرن جي حق لاءِ آواز اٿاريندا ۽ جاکوڙ جاري رکنداسين.“
0 تبصرے