سينيئر صحافي ۽ سماجي اڳواڻ بلاول سمون علي حسن زرداري سان ملاقات ڪري پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي صدر، سينيئر صحافي ۽ سماجي اڳواڻ بلاول سمون صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري سان ملاقات ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو.ان موقعي تي بلاول سمون چيو ته ھن پارٽي جي عوام دوست پاليسين، غريبن جي ڀلائي لاءِ قدمن ۽ حاجي علي حسن زرداري جي عوامي خدمت واري ڪردار کان متاثر ٿي پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي آھي. ھن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ھميشه عوامي حقن جي محافظ رهي آھي ۽ هو به ان سياسي سفر ۾ عوام جي خدمت لاء شامل ٿيو آھي.ان موقعي تي صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري بلاول سمون جي پارٽي ۾ شموليت کي ڀليڪار ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي ۾ باصلاحيت، ايماندار ۽ سماجي شعور رکندڙ ماڻهن جي شموليت سان پارٽي وڌيڪ مضبوط ٿيندي.سماجي حلقن، صحافتي برادري۽ ٻين بلاول سمون کي نئين سياسي سفر جي شروعات تي ڀليڪار ڪندي سندس روشن مستقبل لاءِ نيڪ تمنائون جو اظھار ڪيو
0 تبصرے