ڏوڪري تعلقي اندر غيرقانوني انڪروچمينٽ خلاف آپريشن ڪيو آھي ته جيئن عوام سک جو ساهه کڻي: فرزانه ميراڻي
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) ڏوڪري شھر ۾ وڌندڙ انڪروچمينٽ خلاف شڪايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري فرزانه ميراڻي جي اڳواڻي ۾ اسسٽنٽ مختيارڪار ڪامران ضمير منگي سميت روينيو ۽ ميونسپل ملازمن پوليس اهلڪارن سان گڏجي غيرقانوني قبضن خلاف ڪارروائي ڪئي. انڪروچمينٽ خلاف آپريشن دوران شاھي بازار، ٽلو بازار، ڀٽائي بازار ۽ ريشم گلي سميت نيشنل بينڪ ۽ علي پارڪ روڊ تي بيٺل ريڙھا ھٽايا ويا، جڏھن ته دڪا ٽوڙي سندل، مانڊيون، دخل ۽ پڃرا ضبط ڪندي ٽريڪٽر ۽ ڊوزر تي رکي مختيارڪار آفيس پھچاياويا. ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي اسسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري فرزانه ميراڻي چيو ته سنڌ حڪومت ۽ ڊي سي لاڙڪاڻو جي ھدايتن تي ڏوڪري تعلقي اندر غيرقانوني انڪروچمينٽ خلاف آپريشن ڪيو آھي. ھن چيو ته شھر ۾ غيرقانوني انڪروچمينٽ سبب ٽريفڪ جام ۽ معاشي سرگرمين تي منفي اثر پوڻ سميت شھرين کي پريشانين کي منھن ڏيڻو پوي ٿو، جنھن سبب بنا فرق جي قبضا مافيا خلاف ڪارروائي ڪئي آھي. ھن چيو ته ڏوڪري تعلقي اندر انڪروچمينٽ برداشت نه ڪئي ويندي، ٻيھر ڪنھن قبضي جي ڪوشش ڪئي ته سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪندي مٿن ڪيس داخل ڪيا ويندا.
0 تبصرے