ڏوڪري ۾ ڊائريڪٽر جنرل زرعي تحقيق سنڌ پاران چانورن جي تحقيقاتي مرڪز جو دورو

ڊاڪٽر مظهر الدين ڪيريو رائيس ريسرچ سينٽر جو دورو ڪري چانورن جي تحقيقاتي اداري ۾ لڳل تجربن جو دورو ڪيو

ڏوڪري ۾ ڊائريڪٽر جنرل زرعي تحقيق سنڌ پاران چانورن جي تحقيقاتي مرڪز جو دورو

ڏوڪري (اطهر ميمڻ) ڊائريڪٽر جنرل زرعي تحقيق سنڌ جو چانورن جي تحقيقاتي مرڪز ڏوڪري جو دورو، زرعي سائنسدانن کيس بريفنگ ڏني. تفصيل موجب گذريل ڏينهن ڊائريڪٽر جنرل زرعي تحقيق سنڌ ڊاڪٽر مظهر الدين ڪيريو پاران رائيس ريسرچ سينٽر ڏوڪري جو دورو ڪري چانورن جي تحقيقاتي اداري ۾ لڳل تجربن جو دورو ڪيو، ان لڳل تجربن بابت زرعي سائنسدانن سان ويچار ونڊيا، ان موقعي تي عبدالصمد سومرو، عبدالنعيم شيخ, ارشاد احمد دستي، ڊاڪٽر ميھر علي ڀٽو ، ڊاڪٽر عبدالعليم شيخ ۽ ٻين پاران ڊي جي ريسرچ سنڌ کي پنهنجا پنهنجا تجربا ۽ انهن جي فائدن بابت کيس آگاھي ڏني، دوري دوران ساڻس رائيس ريسرچ سينٽر ڏوڪري جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر محمد حنيف اڄڻ ۽ امداد علي سوھو ڊائريڪٽر زرعي تحقيق ٽنڊوڄام پڻ موجود ھئا،ان موقعي تي ڊاڪٽر مظهرالدين ڪيريو ڊائريڪٽر جنرل زرعي تحقيق سنڌ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته زرعي اداري جا سائنسدان وقت جي حساب سان ڪم ڪري رهيا آهن، موسمي تبديلين ۽ انهن جي اثرن کي نظر ۾ رکندي نئين جنسن تي ڪم ڪري رهيا آهن، جلد ٻه نيون جنسون ادارو متعارف ڪرائيندو جيڪي خشڪي سھڻ ۽ گرمي پد برداشت ڪرڻ جون صلاحيتون رکن ٿيون وڌيڪ نباتاتي جيتن جي تدارڪ کي ساراهيو، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر رائيس ريسرچ سينٽر ڏوڪري محمد حنیف اڄڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اداري جي پوري اداري جي بهتري لاءِ ٽيم دل و جان سان ڪم ڪري رهي آهي، اميد آھي تہ اسان سارين جي آبادگارن جا مسئلا ۽ انهن جو تدارڪ ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪنداسين.